طوطي نامه (قلمي نسخو)

طوطي نامه (قلمي نسخو)

طوطي نامہ قلمي نسخو

طوطي نامہ (قلمي نسخو): هي فارسي ۾ لکيل ڪتاب عبرت آميز ڪهاڻين تي ٻڌل آهي جيڪو ضياء الدين نخشبي بدايوني جو لکيل آهي. ضياء الدين خواجہ نظام الدين اوليا جو مريد هو ۽ هن 751ھہ/1350ع ۾ وفات ڪئي. نسخو خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهي، نسخي جي ڪاتب ۽ ڪتابت جي سن بابت معلومات نٿي ملي. ڪتاب جي شروعات هن طرح ٿئي ٿي: ”هو العزيز مناجات بحضرت رازق المغاب... الخ“ ۽ اختتام هن طرح ٿئي ٿي: ”... شھد انداخت ودرگوشه پنهان شد.“52 ڪهاڻين تي مشتمل هن قلمي نسخي جي هر صفحي تي 10 سٽون آهن، 214 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو