
طوطا خان ڪلمتيءَ جو قبرستان
طوطا خان ڪلمتيءَ جو قبرستان: هيءُ قبرستان ڪراچيءَ کان سورنهن ميلن جي مفاصلي تي سيوهڻ ۽ ڊملوٽي ويندڙ ٻنهي رستن جي وچ ۾ نئين ٿڌي جي اڀرندي ڪپ تي آهي. هيءُ تمام پراڻو قبرستان آهي، جو ڪلمتي بلوچن جي سردار طوطا خان ڪلمتي جي نالي سان منسوب آهي. هن جي بناوت، نقش ۽ پٿر سازي جو ڪم ڪجهہ سادو ۽ مختلف نموني جو ڏسجي ٿو. اڪثر نقش ۽ چٽ مڪليءَ جي قبرسان واري نقش سان ملن ٿا. هتي قبرن تي پٿر سازي جو هنر ۽ هوشيار ڪاريگرن جي ساک ڀري ٿو. هتي اڪثر قبرون هڪ ٻئي مٿان منزل بامنزل زمين جي مٿاڇري کان مٿي، ٻن ٻن ۽ چئن چئن طبقن ۾ ٺهيل آهن. روايت آهي تہ جوکين ۽ ڪلمتين جي پاڻ ۾ نئين سڪن جي ڪپ تي ويڙھہ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪلمتين جي سردار طوطا خان سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، جن کي اتي دفن ڪيو ويو. هڪ ٻي روايت آهي تہ نئين ٿڌي واري قبرستان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪيترن ئي راڄن جو گڏيل قبرستان هو، جيڪو ڪلمتين جي سردار جي مارجي وڃڻ ۽ اتي دفن ٿيڻ کانپوءِ سندن نالي سان مشھور ٿيو. سردار طوطا خان ۽ سندس خاندان جي ڀاتين جي قبرن مٿان ڇاپري نما ڇٽي ٺهيل هئي، جيڪا هاڻ ڀـُري چڪي آهي.