طوسي سلسلو

طوسي سلسلو: طوسي نالي اسلامي تصوف جو طريقو يا سلسلو شيخ علاؤالدين طوسيءَ سان نسبت رکي ٿو. پاڻ طوس (اسپين) جو رهاڪو هو. وقت جو وڏو صوفي شيخ نجم الدين ڪبريٰ هن سلسلي سان لاڳاپيل هو. ٻئي صوفي ساڳي وقت ۾ دوست بہ هئا. تنهن ڪري گڏجي اچي هڪبئي وڏي صوفي شيخ ابونجيب صوفي سان مليا. هن کين مرشد وٺڻ جي هدايت ڪئي تہ پاڻ ٻئي خواجہ وجيھہ الدين ابوحفص جي درٻار ۾ پهتا. هن بزرگ ٻنهي کي پنھنجي طالبيءَ ۾ ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ علاءُ الدين طوسي واپس طوس ۾ هن سلسلي کي جاري ڪيو. هن سلسلي جا بزرگ سماع ٻڌندا آهن ۽ وجد ۾ اچي رقص ڪندا آهن. وڏي آواز ۾ ذڪر ڪندا آهن. هنن کي جو ڪجهہ ملندو آهي، ان تي قناعت ڪندا آهن. هي سلسلو ڇھن واسطن سان خواجہ جنيد بغداديءَ سان ملي ٿو. طوسي سلسلو تصوف جو ٻارهون سلسلو ڳڻجي ٿو.


لفظ طوسي سلسلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو