
طلا شاهه جو مقام
طلا شاھہ جو مقام: هي ماڳ پاٽوين کان پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي تعلقي سنجهوري ۾آهي. طلا شاھہ خراساني جي نالي پويان سڏجندڙ هن قبرستان لاءِ چون ٿا تہ اصل ميرن جو مقام آهي. هن قبرستان ۾ ٻيا بہ 8 کن مقبرا آهن. انهن مان هڪ تجر آهي، مقبرن جي حالت سٺي نہ آهي. رڳو طلا شاھہ جو مقبرو سٺي حال ۾ آهي. ان جي ٻاهران ڪوٽ سمان احاطو ڏنل آهي ۽ ڀر ۾ وڏو وڻن جو جهڳٽو (ڏسڻ مھل) آهي. مقام ۾ ٻيون بہ سوين قبرون آهن، مقبرن جون ڇتيون گنبذن سان آهن ۽ چوڌاري ڀتين تي چٽسالي ٿيل آهي. اڪثر مقبرن جي ڪنڊن تي ڪوشڪون بہ ٺهيل آهن. گردا اٺ ڪنڊا آهن. (سواءِ تجر جي) مقام ۾ ڪن هنڌن تي گهاڙين جا اڪريل پٿر، شايد ڇتين جي پيل پاون جون اٿڙيون يا اڇڙيون ۽ پاستون يا پيڙها گنڍڙيل بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.