
طفيل نيازي
طفيل نيازي: ناميارو لوڪ فنڪار طفيل نيازي 1916ع ڌاري جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا طبلي وڄائڻ جا ماهر هئا. هن هڪ ’ناٽڪ منڊلي‘ جوڙي، جنهن تحت ’هير رانجها‘، ’سوهني ماهيوال‘، ’سسئي پنھون‘ ۽ ’پورن ڀگت‘ جهڙين لوڪ ڪهاڻين تي ڊرامن ۾ هيرو جا ڪردار ادا ڪيا. ان کانسواءِ هن هڪ سنگيت پارٽي بہ ٺاهي، 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ خاندان سان لڏي ملتان ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اتي کير ڏهي جو دڪان کوليائين. ان کانپوءِ وري لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ريڊيو ۽ ٽي. وي سان وابستہ ٿيو جتي پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ’لوڪ تماشا‘ ۾ بطور ڪمپوزر ۽ گلوڪار ڪم ڪيائين. هن 500 کان وڌيڪ گانن جون ڌنون ٺاهيون ۽ تقريباً 4000 هزار گانا ريڪارڊ ڪرايائين. ان کان علاوہ ثقافتي اداري ‘لوڪ ورثه’ سان منسلڪ رهيو. ثقافتي وفدن سان ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيائين ۽ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس فن کي ڀارت ۾ بہ ڪافي پذيرائي حاصل ٿي. سندس ڳايل مشھور ڪلامن ۾:
لائي بي قدران نال ياري
تي ٽُٽ گئي تڙڪ ڪرڪي
هن پهريون ڀيرو 26 نومبر 1964ع تي پاڪستان ٽيليويزن جي افتتاحي تقريت ۾ ڳائي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻي. هن جو تعلق نيازي خاندان سان نہ هو. پير نياز علي شاھہ سان سندس عقيدت ڪري پي.ٽي.وي جي سينئر پروڊيوسر اسلم اظهر کيس طفيل نيازي جي نالي سان متعارف ڪرايو. سندس ٻھ پٽ جاويد نيازي ۽ بابر نيازي سندس انداز ۾ گائيڪيءَ سان وابستہ آهن. سندس فني صلاحيتن جي عيوض ڪيترا اوارڊ حاصل ڪيائين جنهن ۾: ’امير خسرو اوارڊ‘، ’بريجو باورا اوارڊ‘، ’ڪي.ايل سهگل ايوارڊ‘، ’بابا گرونانڪ ايوارڊ‘، ’امير خان ايوارڊ‘، ’سرسوتي ايوارڊ‘ کانسواءِ حڪومت پاڪستان پاران کيس 1983ع ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگيءَ سان نوازيو ويو. هي 21 سيپٽمبر 1990ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.
1990.09.21 عيسوي
طفيل نيازي 1916ع ڌاري جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. هي 21 سيپٽمبر 1990ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.