طــٰـھٰ (سورة): هيءَ قرآن مجيد جي هڪ سورة جو نالو آهي، جيڪا ترتيب جي لحاظ سان ويهين ۽ سورة مريم کان پوءِ ۽ سورة انبياء کان اڳ ۾ قرآن مجيد ۾ آيل آهي. نزول جي لحاظ سان هيءَ پنجتاليهين سورة آهي. هن سورة ۾ ڪل 135 آيتون آهن، 130 ۽ 131 آيتون مديني ۾ نازل ٿيل آهن، باقي سموري سورة مڪي آهي. هن سورة جي شروع ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ قرآن مجيد ﷲ کان ڊڄندڙن جي رهنمائي لاءِ لاٿو ويو آهي. هن سورة ۾ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جو قصو تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، ان تفصيل ۾ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جو طور سينا (جبل) تي ﷲ تعاليٰ سان هم ڪلام ٿيڻ، عصا (لٺ)، يد بيضا (روشن ٿيندڙ هٿ) حضرت هارون عليہ السّلام جي نبوت لاءِ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جي دعا، فرعون تي اثر وجهڻ جي لاءِ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جي ﷲ تعاليٰ کان التجا، فرعون جي گهر ۾ حضرت موسيٰ عليہ السّلام جو پلجڻ، جادوگرن جو حق جي سامهون سِر سجدي ۾ رکڻ، مصر مان بني اسرائيلن کي حق کان ٿيڙڻ جو ذڪر شامل آهي. ان کان پوءِ قرآن مجيد تي اعتراض ڪندڙن جي سزا، قيامت ۾ ڏوهارين جو احوال، آدم عليہ السّلام جي قصي جا ڪجهہ حصا، ﷲ تعاليٰ جي يادگيري کان غافل رهندڙن جو حشر، گذريل امتن جي حالتن کان عبرت حاصل ڪرڻ ۽ قيامت جي ڏينهن تائين مشرڪن کي مهلت جو ذڪر آهي. آخر ۾ ڪافرن طرفان اذيتون ڏيڻ جو ذڪر ڪري حضور نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي ﷲ تعاليٰ جي وحدانيت تي ثابت قدم رهڻ ۽ ﷲ تعاليٰ جي يادگيري ۾ مشغول رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.