طغرل آباد: هيءُ ماڳ مڪليءَ جي ڏکڻ واري پاسي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. اتي اصل ۾ هندو دور جو قديم شھر ۽ قلعو هو، جنهن کي پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف حڪمران سڌاريندا ۽ سنواريندا آيا. هاڻي اڍائي سؤ سالن کان زبون ٿيندي دڙن جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ’تحفة الڪرام‘ جي روايت آهي تہ اهو شھر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو ۽ ان وقت شھر جو نالو ڪلاڪوٽ هو. سمن جي دؤر ۾ ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي نئين سر آباد ڪيو، جنهن ڪري نالو بدلجي تغلق آباد ٿيس. روايت آهي تہ جڏهن سومرن جو شھر ’محمد طور‘ تباھہ ٿيو، تڏهن ڪجهہ وقت لاءِ سومرن بہ ان شھر کي آباد ڪيو ۽ پنهنجو تخت گاھہ بڻايو. مغل دؤر جي هڪ امير طغرل بيگ بہ هن شھر جي مرمت ڪرائي. جنهن ڪري مٿس طغرل آباد نالو پيو. ڪلاڪوٽ واري نالي جو بگاڙ مسلمانن جي زماني ۾ ’ڪلاف ڪوٽ‘ ٿيو. سترهين صدي عيسوي جي آخر ۾ اهو قلعو ۽ شھر جون جايون سلامت هيون، جو مريد خان جڏهن 1689ع ڌاري ٺٽي جي حڪومت تان معزول ٿيو، تڏهن هندستان موٽڻ کان اڳ ڪجهہ وقت اتي وڃي رهيو هو ۽ ڪجهہ قدر قلعي توڙي جاين جي مرمت ڪرائي هئي. مرزا قليچ بيگ جي ڏندڪٿا مطابق ان شھر کي ’ڪلياڻ ڪوٽ‘ يعني آرام گاھہ سڏيندا هئا. مرزا صاحب اهو بہ لکي ٿو تہ اهو ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو ئي قديم آهي ۽ سڪندراعظم جي دؤر ۾ موجود هو. هڪ ٻي روايت آهي تہ جڏهن سنڌ جي سومرن بادشاهن جو تخت گاھہ محمد طور تباھہ ٿيو، تڏهن هنن ڪجهہ وقت لاءِ ڪلان ڪوٽ ماڳ کي پنھنجي گادي ٺاهيو. جڏهن سمن جو دور آيو، تڏهن فيروز تغلق هن ڪوٽ جي نئين سر مرمت ڪرائي. هن قلعي ۾ عمارتون، محل ۽ ماڙيون ٺهرايون ۽ انهن کي چڱي طرح سينگاريو، ان ريت هن ڪوٽ جو نالو بدلجي ’تغلق آباد‘ ٿيو. اها روايت بہ مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ ڏني آهي. هڪ حوالي موجب مرزا شاھہ حسن 928هجري (1521ع) ۾ تخت نشينيءَ کانپوءِ ڄام فيروز کي شڪست ڏيڻ بعد تغلق آباد ۾ اچي آباد ٿيو. ٻئي حوالي موجب سن 998ھہ (1589ع) کانپوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو شھر خالي ڪري پنھنجي ڪٽنب سان اچي تغلق آباد ۾ رهيو. جتي هن اڳ ئي ڪلان ڪوٽ ٺهرائي (مرمت ڪرائي) ڇڏيو هو. 1099 هجري (1687ع) ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو ۽ تغلق آباد ۾ رهيو. هن پاڻ سان راجپوت آبادي وڏي تعداد ۾ آندي هئي. ڇاڪاڻ تہ هو نو مسلم هئڻ سبب سخت گير نہ هو، ان ڪري ٺٽي جي عالمن هن کي برداشت نہ پئي ڪيو ۽ هن کي جلد ئي معزول ڪرايو.مير علي شير قانع ئي مڪلي نامہ ۾ نشاندهي ڪري ٿو تہ ان ماڳ جو نالو طغرل آباد بہ رهيو آهي. هو هڪ شعر ۾ لکي ٿو:
نظارها شيدا بود، دل را سودا بود
قانع تمنا ها بود، مر سير طغرل بادرا.
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، ”طغرل بيگ ان قلعي جي مرمت ڪرائي، جنهن کانپوءِ ان ڪوٽ جو نالو بدلجي طغرل آباد ٿي ويو.“