
طبقات ناصري
طبقات ناصري (ڪتاب): طبقات جي سلسلي جو اهم ڪتاب، التمش جي پٽ سلطان ناصر الدين محمود جي نالي منسوب هيءُ ڪتاب ابو عمر منهاج سراج الدين جوزجاني جي تاليف آهي. جيڪو هن 1269ع ۾ لکي پورو ڪيو. هيءُ ڪتاب هندستان جي سلاطين (بادشاهن) جي تاريخ آهي، جنهن ۾ غزنوين ۽ مغلن جي دور جا اهم واقعا بہ شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جو ڳاڻيٽو انهن ڪتابن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جيڪي غوري، غزنوي، خوارزم شاهي ۽ تاتاري حڪمرنن جي بھترين تاريخ سمجهيا وڃن ٿا.