طاهره واسطي

طاهره واسطي

طاهرہ واسطي

طاهرہ واسطي: مشھور اداڪارہ طاهرہ واسطي 1944ع ڌاري سرگوڌا پنجاب ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سرگوڌا ۾ حاصل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ لاهور وئي. پڙهائي دوران کيس اداڪاريءَ جو شوق ٿيو. 1968ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان اداڪاريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس پهريون ڊرامو مشھور افسانہ نگار سعادت حسين منٽو جو لکيل ”جيب ڪترا“ هو. طاهرہ واسطي کي 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پهرين صف جي اداڪارائن ۾ ڳڻيو ويو. پاڻ اداڪارہ هئڻ سان گڏ سٺي ليکڪا پڻ هئي، سائنس فڪشن تي تمام سٺو لکيائين ٽي. وي لاءِ هن ڪيترائي ڊراما لکيا، جن ۾ ”ڪالي ماتا“ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. طاهرہ واسطيءَ ٽي. وي اداڪار ۽ انگريزي نيوز ڪاسٽر رضوان واسطيءَ سان شادي ڪئي. طاهرہ کي ڊراما سيريل ”افشان“ ۾ يهودي واپاري جي ڌيءَ ڊرامي آخري چٽان“ ۾ راڻي ازابيل جي ڪردار سبب گهڻي شھرت ملي. سندس ٻين ڊرامن ۾ ”غرناطه“، ”شاهين“ ۽ ”ٽيپو سلطان“ گهڻو مقبول ٿيا. طاهرہ واسطي 11 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ طاهرہ واسطيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2012.03.11  عيسوي

طاهره واسطي 1944ع ڌاري سرگوڌا پنجاب ۾ جنم ورتو. هن 11 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو اسحاق ابراهيم بن سنان
ڄام گوڙجي(اول)
پدمڻي ڪپيلا
چاڪر خان راڄڙ
اڪبر لغاري
جسٽس غلام رباني
خليل مورياڻي
عاشق حسين سمراٽ
عبدالاحد ابڙو ڊاڪٽر
بختيار بيگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون