
طالب سمي وارو ماڳ ۽ مسجد
طالب سمي وارو ماڳ ۽ مسجد: هي ڪلهوڙن جي دور جو ماڳ ضلعي بدين ۾، بدين شھر کان اتر، اولھہ طرف ۽ ترائي شھر کان 10 ميل اتر طرف ۾ واقعي آهي. هي دڙو ويران ٿيل آهي، جتي چوطرف انساني هڏا پکڙيل آهن. دڙي تي موجود مسجد زبون حال آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾ هتي وڏي آبادي هئي، جنهن تي 1780ع ۾ مدد خان جي لشڪر موت جو راڪاس گهمائي ڇڏيو. پٺاڻن جي حملي ۾ زندہ بچيل ماڻهن وري واپس پنهنجا آباد نہ ڪيا. مدد خان جي لشڪر ڳوٺ تي حملي وقت سوين ماڻهو مارڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ ڳوٺ کي باھہ ڏئي ساڙيو. اديب ۽ محقق عابد لغاري جي لکڻ موجب هتي مدد خان جي حملي ۾ مارجي ويلن کي دفنائڻ لاءِ بہ ڪو نہ بچيو، جنهن سبب اڄ تائين هڏا پٺاڻن جي ظلم جي شاهدي ڏئي رهيا آهن. زبون حال مسجد منارن سميت ثابت بيٺل آهي. هن دڙي جي اتر-اولھہ ۾ مڱرين جو دڙو آهي، جيڪو بہ مدد خان جي ظلم جو چٽو داستان آهي.