طارق خشڪ

طارق خشڪ

طارق خشڪ

طارق خشڪ: سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊراما نگار طارق خشڪ جو جو پورو نالو طارق حسين ولد ڪمال خان خشڪ آهي، سندس جنم 29 آڪٽوبر 1977ع تي شھداد ڪوٽ شھر ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول فيض محمدي شھدادڪوٽ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شھدادڪوٽ مان، 1993ع ۾ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ مان، 1995ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪاليج سائيڊ شھدادڪوٽ مان 1999ع ۾ ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1992ع ڌاري ڪئي 2006ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هيءَ سنڌي ادبي سنگت شھدادڪوٽ سان سلهاڙيل آهي. طارق جا ڊراما مختلف ٽي. وي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ”مرڪ واري ڇوڪري“ (ڪهاڻيون) 2001ع ۽ ”مون کي هوائن ۾ ڳولجان“ (ناول) 2004ع ۽ ”تون منهنجي ساھہ ۾ آهين“ ڪهاڻيون قابل ذڪر آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: ” سٽيزن اوارڊ“ 1998ع، ماهوار سنڌ رنگ طرفان بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ، ماهوار هالار طرفان بھترين ڪهاڻيڪار اوارڊ 2001ع قابل ذڪر آهن. سندس ناول کي پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ملي. پاڻ هن وقت شھدادڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ طارق خشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.10.29  عيسوي

طارق خشڪ جو جو پورو نالو طارق حسين ولد ڪمال خان خشڪ آهي، سندس جنم 29 آڪٽوبر 1977ع تي شهداد ڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفضل نور احمد سنڌي
بيگم غلام حسين هدايت ﷲ
جھانگير قريشي
ڀارواڻي وشنداس
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
مير ابوالبقا بهرور علي سبزواري
جانش بھادر ۽ جان بيگ
رحمت خان گبول
عبدالغفور بسمل ڊاڪٽر
ستار حسين خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون