طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ

طارق احمد ميمڻ: ليکڪ ۽ رٽائر ڪامورو طارق احمد ولد فضل ﷲ ميمڻ، 20 اپريل 1952ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ 1968ع ۾ ۽ 1972ع ۾ سي.اينڊ.ايس ڪاليج شڪارپور مان گريجوئيشن ڪئي. سندس والد فضل ﷲ ميمڻ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ ڪپڙي جو واپار ڪندو هو ۽ شڪارپور جي مشھور شاهي بازار ۾ سندس پنهنجو ڪپڙي جو دڪان هو. طارق احمد سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ڌاري ايم.اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس وڏو ڀاءُ عزيز ﷲ ميمڻ ڪوئٽيا- بلوچستان جو سينئر وڪيل هو، جنهن سان گڏ هي پڻ ڪوئٽيا ۾ بحيثيت جونيئر وڪيل رهيو ۽ ڪجهہ عرصو وڪالت ڪيائين.
طارق 1978ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري مختيارڪار ۽ FCM مقرر ٿيو. 1985ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور ترقي ڪيائين ۽ مختلف سب ڊويزنن جھڙوڪ: وارھہ، ميهڙ، جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان ۽ گهاري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن بعد ترقيون ماڻيندو 18 گريڊ ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سيڪريٽري، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري، جيڪب آباد ضلعي ۾ ڊي. او (روينيو ) رهيو. گريڊ 19 ۾ اچڻ کانپوءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ اي ڊي او (روينيو) ۽ ڪين ڪمشنر سنڌ ۽ ڊي سي او ٽنڊو الهيار طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 2012ع ۾ گريڊ 20 ملڻ کانپوءِ سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. هن وقت پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي.
طارق احمد ميمڻ جو ننڍپڻ شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول ۾ گذريو. پاڻ جڳن ناٿ لائبرريءَ ۽ ٻين لائبررين جو ميمبر ٿي مطالعو ڪندو رهيو. کيس ٽپال ٽڪلين ۽ ناياب سڪن گڏ ڪرڻ جو شوق جنون جي حد تائين رهيو. هن وقت بہ سندس رڪارڊ ۾ سوين اڻ لڀ سڪا، هزارين قيمتي ڪتاب موجود آهن. طارق احمد ميمڻ گذريل پندرهن- ويھہ سالن کان خوبصورت پٿرن کي گڏ ڪري انهن تي تحقيق جو ڪم پڻ ڪيو آهي. لاهور ۾ تاريخي ماڳ گهمندي هن هڪ دڪان تان خوبصورت ۽ قيمتي پٿر خريد ڪيا ۽ پوءِ انهيءَ مشغلي ۾ تحقيق ڪندي هن هڪ ڪتاب پڻ لکي ورتو. انهيءَ شوق تحت هن ملڪ جي مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن جا سفر پڻ ڪيا. سندس ذاتي ڪليڪشن ۾ ڪيترائي ناياب پٿر، سڪا ۽ ٻيون قديمي نوادرات پڻ موجود آهن، جنهن ڪري سندس گهر هڪ ميوزيم جو ڏيک ڏئي ٿو. سندس ڪتاب ’قيمتي پٿرن جي خوشنما ۽ خوبصورت دنيا‘ نالي سان 2013ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ ناياب ۽ قيمتي پٿرن جي اهميت ۽ علم بابت ڄاڻ شامل آهي.


لفظ طارق احمد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.20  عيسوي

طارق احمد ولد فضل الله ميمڻ، 20 اپريل 1952ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فاضل راهو
تبريزي شمس الدين
احمد فقير سمو
سيد محمد تقي بخاري
خواجہ فريدالدين ’عطار‘
ابن فقيھہ
عاصمه جھانگير
جگر مرادآبادي
دولت خان لوڌي
قمر النساءَ هڪڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون