ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري

ضياء جالنڌري: ناليوارو شاعر، براڊ ڪاسٽر ۽ سرڪاري عملدار ضياء جالنڌري 20 فيبروري 1923ع تي جالنڌر (انڊيا) ۾ ڄائو. سندس اصل نالو سيد ضياء نثار احمد آهي. هن جي والد جو نالو سيد سردار احمد شاھہ هو. ضياء جالنڌري پرائمري ۽ ثانوي تعليم جالنڌر جي مختلف تعليمي ادارن مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجاب يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1945ع ۾ آل انڊيا ريڊيو جي شروعات اشاعت جي شعبي سان ڪئي. ورهاڱي بعد ٽپال کاتي سان منسلڪ ٿيو جتي ڊپٽي پوسٽ ماسٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن سان وابستہ ٿيو. جتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. مئي 1985ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ٿيو. کيس اردو، پنجابي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو. اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ شاعري ڪيائين. سندس مشھور ڪتابن ۾ ’سرشام‘، ’نارسه‘ ۽ ’خواب سرا‘ شايع ٿيل آهن. هي ڪافي وقت تائين لاهور مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ’علامت‘ جو ايڊيٽر رهيو.


لفظ ضياء جالنڌريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.02.20  عيسوي

ضياء جالنڌري 20 فيبروري 1923ع تي جالنڌر (انڊيا) ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الانا جي
جيوت سنگهہ صوفي
الھہ بخش سرشار عقيلي
احمد خان مدهوش
صالح فقير گوهري
دادو ديال
رفيعه ملاح
عبدالله شرر
الطاف عاصي ڊاڪٽر
انور شعور
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون