
ضياءُ القمر في حالاتِ شاهه صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري
ضياءُ القمر في حالاتِ شاھہ صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري (ڪتاب): هي ڪتاب شاھہ صدر لڪياري جي زندگي جي احوال ۽ لڪياري خاندان جي تعارف تي مشتمل آهي. جيڪو شاھہ صدر لڪياري جي ايڪيهين سجادہ نشين شاھہ محمد شاھہ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جا واڌارا سڌارا مفتي نور نبي ڪيا آهن. ڪتاب ۾ شاھہ صدر لڪياري ۽ سندن خاندان جي عرب ملڪ کان سنڌ تائين اچڻ، انهن جي عرب ملڪ ۾ اهميت، لڪي ۾ آباد ٿيڻ، ديني خدمتن ۽ گادي نشيني جي سلسلي تي جامع روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ شاھہ صدر لڪياري جي شان ۾ دادن فقير جي ڪيل شاعري ڏني وئي آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مصنف جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل، ڪچي جلد سان هي ڪتاب شاھہ صدر اڪيڊمي، درگاھہ حضرت شاھہ صدر الدين لڪي ڄامشوري پاران اپريل 2016ع ۾ ڇپيو. 182 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.