ضياء الدين احمد برني 2

ضياءُ الدين احمد برني 2: ناليوارو صحافي، ليکڪ، ترجما نگار، ضياءُ الدين احمد برني 3 فيبروري 1890ع ۾ دهلي ۾ ڄائو. هن جو والد منشي محمد الدين پنھنجي دؤر جو مشھور خطاط هو. ان کان علاوہ پاڪستان جو ناميارو خطاط ۽ خط نستعليق دهلويءَ طرز جو ماهر محمد يوسف دهلوي سندس ڀاءُ هو. ضياءَ الدين احمد برني تحريڪ پاڪستان ۾ تمام اهم ڪردار نڀايو. ورهاڱي بعد لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين جتي ’همدرد‘ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي مان ’ڪتابي دنيا‘ نالي رسالي جي باني ايڊيٽر طور ذميداريون نڀائيندورهيو. مولانا ابو الڪلام آزاد، مسز سروجني نائيدو، حڪيم اجمل خان ۽ خواجا حسن نظامي جهڙي شخصيتن سان گڏجي ڪم ڪيائين ۽ انهن سڀني بابت شخصي خاڪن تي رٿيل هڪ ڪتاب ’عظمت رفتان‘ نالي لکيائين. ان کان علاوہ سندس لکيل ٻين مشھور تصنيفن ۾ ”تذڪره منشي ذڪا ﷲ جمالدين افغاني“، ”جھان آرا بيگم“ ۽ ”لائف آف محمد“ شامل آهن. هن 4 مئي 1969ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ جي علائقي پاپوش نگر جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.02.03  عيسوي

ضياءُ الدين احمد برني 3 فيبروري 1890ع ۾ دهلي ۾ ڄائو.


1969.05.04  عيسوي

ضياء الدين احمد برني 4 مئي 1969ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ جي علائقي پاپوش نگر جي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀنڀو شاھہ بادشاھہ
پرتاب مينگهراج پرسواڻي
ڀٽو مولا بخش مسڪين
پير ميان محمد شاھ
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
خفيف I
طالب حسين مغل
اياز خليل چنجڻي
ام ابي هريره رضي ﷲ عنها
ديو اُڌارام ناٿاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون