ضياءُ الحسين لنجار

ضياءُ الحسين لنجار

ضياء الحسين لنجار

ضياءُ الحسين لنجار: قانون ۽ جيلن جي کاتي جو اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پ. پ. پ اڳواڻ ضياءُ الحسين ولد غلام رسول لنجار 25 ڊسمبر 1973ع تي نوابشاھہ شھر ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم مقامي اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي شروعات ڪئي. وڪالت جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1999ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري عملي سياست جو آغاز ڪيائين. ان سان گڏ پاڻ وڪيل بہ آهي. 2008ع کان پ. پ. پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪوآرڊينيٽر طور ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو آهي، گڏوگڏ پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي نوابشاھہ جو صدر رهڻ سان گڏ نوابشاھہ بار ۾ بہ پنهنجا فرض نڀائيندو رهيو آهي. هن 11-2010ع وارين برساتي ٻوڏن ۾ پارٽي پاران متاثرن کي گهرن مان ڪڍي ڪئمپن تائين پهچائڻ، توڙي دوائن ۽ کاڌ خوراڪ وغيرہ جي سهولت پهچائڻ تائين مدد ڪئي. ضياءُ الحسين لنجار سياسي، سماجي سرگرمين توڙي وڪالت سان لاڳاپيل آهي. 2013ع واري اليڪشن ۾ چونڊجڻ بعد سنڌ جي قانون ۽ جيلن جو صوبائي وزير رهيو.
ضياءُ الحسن لنجار، 2018ع جي عام اليڪشن ۾ PS.36 تان اليڪشن وڙهيو، پر کَٽي نہ سگهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.12.25  عيسوي

ضياءُ الحسين ولد غلام رسول لنجار 25 ڊسمبر 1973ع تي نوابشاهه شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد وڳڻ
گدا حسين سمو
آصف اقبال
شمس الدين شيرازي بکري
آغا نورمحمد پٺاڻ
حڪيم محمد صديق مولوي سيتائي
امام بري
شيخ مجيب الرحمان
سچل جنجهي
صوفي فقير عبدالله سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون