ضميرالدين احمد

ضميرالدين احمد: ڪراچي جو مشھور واپاري ۽ صنعتڪار شيخ ضمير الدين احمد 1964ع ڌاري دهليءَ هندوستان ۾ پيدا ٿيو، آزادي کان ڪجهہ وقت اڳ هو سنڌ آيو ۽ ڪراچي ۾ رهڻ لڳو. هن بولٽن مارڪيٽ ۾ بجليءَ جي سامان جو دڪان کوليو ۽ 1949ع ۾ مٺائيءَ جو ڪاروبار شروع ڪيائين. 57-1956ع ۾ احمد فوڊ انڊسٽريز جو بنياد وڌائين. 1962ع ۾ هن ’شام النور‘ جي نالي سان علمي ۽ ادبي تقريبن جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ ملڪ جي علمي شخصيتن کي مدعو ڪيو ويندو هو ۽ کين مختلف موضوعن تي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو. اهو سلسلو 1972ع تائين جاري رهيو. ضمير الدين شھر جي سخي مردن مان هو ۽ ڪيترن ئي ادارن جي سرپرستي ۽ ضروتمندن جي مدد ڪندو هو. هن 17 آگسٽ 1916ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ يوسف پوره جي ميوا شاھہ قبرستان ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.08.17  عيسوي

شيخ ضمير الدين احمد 1964ع ڌاري دهليءَ هندوستان ۾ پيدا ٿيو،هن 17 آگسٽ 1916ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لاکو ڦـلاڻي
دوست محمد قريشي
خواجائي شوڪت
ڪمال خان چانگ
راٺوڙ شبنم ڊاڪٽر
اسلم تنيو
جوکيوعبدالمجيد بکري
شھمير خان ڀنگوار
سنت هرنامداس
رائڌڻ منڌرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون