صوفي شرف الدين ‘شرف’: ڪافي جو مشھور شاعر شرف الدين صوفي مٺياڻي شھر جي ڀرواري ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس هڪ ڪافي ڏاڍو مشھور هئي. “بي زار برابر مئن اَن ٻانهي ٻاروچل دي”. ويهين صدي عيسويءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. اندازن 1900ع ڌاري ڄائو. محمد فقير کٽياڻ سان صحبتون ڪيائين. سندس هيٺيون ڪلام محمد فقير جي ڪافي جي طرز تي چيل آهي. 400 کان وڌيڪ ڪافيون چيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ﷲ نال عاشق دم اور ويندي،
سٽ ساجن تون سر گهور ويندي،
سالڪ صورت ڪون سجدا صاف ڪرن،
صاحب سي نہ ڪڏهن بکان ڪاٽ مرن،
تسبيح تال والي ڇن ڇوڙ ڌرن،
مڻيا مونجهہ والا ڀن ڀور ويندي.