صورت سنگهہ بھار

صورت سنگهہ بھار’: نامور شاعر ديوان صورت سنگهہ ولد همت سنگهہ چنديراماڻي 1268ھہ/ 1852ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. مڪتب ۾ فارسي تعليم حاصل ڪئي. شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿيس تہ پنھنجي ننڍپڻ واري دوست ديوان بھار سنگهہ جي ۽ پنھنجي نالي جي نسبت سان ‘صورت بھار’ تخلص اختيار ڪيائين. صورت سنگهہ، نانڪ پنٿي ۽ صوفي منش هو. صورت سنگهہ، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ شعر چيا آهن. سنڌي ڪافين ۾ ‘صورت’ تخلص ڪندو هو، اڪثر شعر اردو ۾ چوندو هو. ان جي ڪلام جو پهريون مجموعو پهريون دفعو 1886ع ۾ لاهور مان شايع ٿيو ۽ ٻيو دفعو ‘ديوان صورت بھار’ جي عنوان سان سنڌي رسم الخط ۾ 1935ع ۾ موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس پريس، حيدرآباد مان ڇپيو. هن پنھنجي ڪلام ۾ گرونانڪ، شيخ طاهر عرف اڏيرو لال، شھباز قلندر، صوفي شاھہ عنايت شھيد ۽ شاھہ يقيق سان عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. هن جي ڪلام مان ائين لڳي ٿو تہ هو خود بہ انهن بزرگن جي درگاهن جي زيارت لاءِ ويندو هو. انهن بزرگن کانسواءِ ڀائي ڪشنچند ۽ ٻين هندو سنتن ۽ دوستن جو ذڪر پڻ سندس ڪلام ۾ ڪثرت سان موجود آهي. موسيقيءَ سان خاص لڳاءُ هئس. خود ڳائيندو هو. کيس ‘سُر سارنگ’ تي ملڪو حاصل هو. هن 25 سالن جي عمر ۾ 1877ع ۾ ديهانت ڪيو. سندس سماڌي حيدرآباد ۾ موجودہ ڊومڻ واھہ محلي جي هڪ باغ ۾ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو