صهبا لکنؤي

صهبا لکنؤي

صهبا لکنوي

صهبا لکنؤي: ناميارو ليکڪ، شاعر ۽ صحافي صهبا لکنوي، 25 ڊسمبر 1919ع ۾ ڀوپال ۾ سيد محمد علي جي گهر جنم ورتو. صهبا لکنؤي جو اصل نالو سيد شرافت علي هو. هن ڀوپال، لکنؤ ۽ بمبئي جي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪندو رهيو. بي. اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عملي زندگيءَ جو آغاز صحافتي پيشي سان ڪيو. 1945ع تي ماهوار رسالو ‘افڪار’ ڀوپال مان جاري ڪيائين. ورهاڱي بعد ڪراچي لڏي آيو ۽ 1951ع تي ڪراچيءَ مان ‘افڪار’ کي شروع ڪيائين. اهو رسالو 57 سالن تائين لاڳيتو شايع ٿيندو رهيو ۽ صهبا لکنؤي ان سان آخري وقت تائين منسلڪ رهيو. صهبا لکنويءَ جي شاعريءَ ۽ نثر جي ڇپيل ڪتابن ۾ ‘ماھہ پاري’ (1943ع)، ‘زير آسمان’، ‘مجاز ايڪ آهنگ’ (1958ع)، ‘ميري خوابون ڪي سرزمين’، ‘مشرقي پاڪستان ڪا سفرنامه’ (1962ع)، ‘اقبال اور ڀوپال’ (1973ع)، ‘ارمغان مجنون’، ‘رئيس امروهوي فن و شخصيت’ کان سواءِ ‘منٽو ايڪ ڪتاب’ شامل آهن. 1973ع ۾ سندس لکيل ڪتاب ‘اقبال اور ڀوپال’ تي کيس ‘دائود ادبي اوارڊ’ ڏنو ويو. هن 30 مارچ 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.12.25  عيسوي

صهبا لکنوي، 25 ڊسمبر 1919ع ۾ ڀوپال ۾ سيد محمد علي جي گهر جنم ورتو.


2002.03.30  عيسوي

صهبا لکنوي 30 مارچ 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رجب آزاد
سيد ضياءُالدين ضيا ٺٽوي
اڪرام ساگر عباسي
ڀيرجي ٺڪَر
شاھہ عنات رضوي ميون
مراد علي شر
پرمانند پياسي
خانصاحب غلام علي جعفري
شير محمد قريشي
مير انيس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون