
صهبا اختر
صهبا اختر: پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو ناميارو شاعر صهبا اختر، 30 سيپٽمبر 1931ع تي سري نگر، ڪشمير ۾ ڄائو هو. سندس خاندان جو تعلق امرتسر سان هو. سندس والد منشي رحمت علي پنھنجي دؤر جو بھترين شاعر ۽ ڊراما نويس طور مشھور هو. صهبا اختر بريليءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، پر تعليمي سلسلو جاري نہ رکي سگهيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو. جتي هن اسلاميہ ڪاليج ۾ داخلا ورتي، پر مالي وسيلن جي ڪميءَ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. 1952ع ۾ خوراڪ کاتي ۾ بطور انسپيڪٽر ڀرتي ٿيو. 1987ع ۾ دل جي تڪليف سبب وقت کان اڳ ‘راشننگ ڪنٽرولر’ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. صهبا اختر شاگرديءَ واري دؤر کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن نظم، گيت، دوها، قطعا، وطن جا گيت ۽ غزل کان سواءِ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. هي بطور شاعر ريڊيو سان منسلڪ رهيو. سندس لکيل ملي نغمو ‘مين ڀي پاڪستان هون، تُو ڀي پاڪستان هي’ تمام گهڻو مشھور ٿيو. هن فلمن لاءِ بيشمار گيت لکيا، جيڪي گهڻو مشھور ٿيا. هي مشاعرن ۾ پنھنجي شاعري ترنم واري انداز ۾ پڙهندو هو. سندس حياتيءَ ۾ شاعريءَ جا چار مجموعا شايع ٿيا. جن ۾ ‘سرڪشيده’ (1977ع)، ‘اقراء نعتيه ڪلام’ (1981ع)، ‘سمندر’ نظم (1984ع) ۽ ‘مشعل’ (1985ع)، ان کان علاوہ سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ‘خزينہ’ (غزلن جو مجموعو)، ‘ارڙنگ’، ‘جل ترنگ’ (دوها) ۽ نثر ۾ لکيل آتم ڪٿا ‘سرگزشت صهبا’ شامل آهن. 1996 ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران کيس صدارتي اوارڊ سان نوازيو ويو. هن 19 فيبروري 1996ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيوويو. ڪراچيءَ ۾ سندس نالي پٺيان صبها اختر روڊ ۽ هڪ لائبرري پڻ منسوب ڪئي وئي آهي.
1931.09.30 عيسوي
صهبا اختر، 30 سيپٽمبر 1931ع تي سري نگر، ڪشمير ۾ ڄائو هو.
1996.02.19 عيسوي
صهبا اختر،19 فيبروري 1996ع ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال جي قبرستان ۾ دفن ڪيوويو.