صلاح الدين، مولانا: ناليوارو صحافي مولانا صلاح الدين 5 جنوري 1935ع تي ميرٽ (هندستان) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق ادبي گهراڻي سان هو. ورهاڱي کانپوءِ 1948ع ۾ خاندان سميت لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن صحافتي سفر جو آغاز 1963ع ۾ ڪيو. روزاني ‘حريت’ ۽ روزاني ‘جنگ’ صحافي طور ڪيائين. 1970ع ۾ روزاني اخبار ‘جسارت’ سان وابستہ رهيو ۽ 13 سال جي وابستگي دوران ڪئي ڀيرا جيل بہ ڀوڳيائين. 1984ع ۾ هن هفتيوار ‘تڪبير’ رسالو جاري ڪيو. مولانا صلاح الدين هڪ بھادر ۽ بيباڪ صحافي هو. هن هميشہ مسلم قوميت ۽ پاڪستان جي تحفظ لاءِ پنھنجي قلم کي سچائيءَ سان استعمال ڪيو، جنهن سبب کيس پريشانيون ڏسڻيون پيون. سندس گهر ۽ آفيس کي باھہ ڏئي ساڙيو ويو ۽ مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. هن لساني سياست ۽ دهشتگرديءَ جو هميشہ مقابلو ڪيو. صحافت جي آزاديءَ لاءِ قربانيون ڏيڻ سبب کيس ڏيهي ۽ پرڏيهي اعزازن سان نوازيو ويو. سندس خدمتن عيوض 14 آگسٽ 1997ع تي ستارہ هلال امتياز سان نوازيو.4 ڊسمبر 1994ع تي اخباري آفيس کان گهر ويندي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ ۾ آهي.
1935.01.05 عيسوي
ناليوارو صحافي مولانا صلاح الدين 5 جنوري 1935ع تي ميرٽ (هندستان) ۾ پيدا ٿيو.
1997.08.14 عيسوي
مولانا صلاح الدين کي سندس خدمتن عيوض 14 آگسٽ 1997ع تي ستاره هلال امتياز سان نوازيو ويو.
1994.12.04 عيسوي
مولانا صلاح الدين 4 ڊسمبر 1994ع تي اخباري آفيس کان گهر ويندي نامعلوم دهشتگردن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.