صفيه رضي ﷲ عنها ام المؤمنين

صفيه رضي عنها (ام المؤمنين): حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي حرم (گهر واري) پاڪ بي بي صفيه رضي عنها جو اصل نالو زينبرضه هو. عرب ۾ غنيمت جي مال مان انهيءَ حصي کي جيڪو بادشاھہ کي ملي، تنهن کي صفيه چون ٿا. بي بي زينبرضه جيئن تہ خيبر جي جنگ ۾ قيد ٿي حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي حصي ۾ آئي، ان ڪري سندس نالو صفيهرضه پئجي ويو. صفيهرضه جو پيءُ بنو نضير قبيلي جو سردار هو ۽ سندس والدہ قريضه قبيلي جي رئيس سمول جي ڌيءَ هئي، ان جي پيءُ حيي بن اخطب ۽ چاچي مسلمانن خلاف ٿيندڙ گهڻين جنگين ۾ حصو ورتو هو. بي بي صفيهرضه جو پيءُ انهن ماڻهن مان هو، جيڪي خيبر ۾ وڃي آباد ٿيا هئا. خيبر جي فتح کان پوءِ جڏهن هيءَ مسلمانن وٽ قيد ٿي غنيمت جي مال ۾ آئي تہ کيس حضور ڪريم صلي عليہ وسلم جن پنھنجي لاءِ پسند فرمايو ۽ 7 هجريءَ ۾ حضرت صفيهرضه جي پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم سان شادي ٿي ۽ 10 هجريءَ ۾ پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن سان گڏ حج ڪيائين. پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي آخري ڏينهن ۾ تمام گهڻي خدمت ڪيائين. حضرت صفيه رضي عنها 35 هجريءَ ۾ حضرت عثمان رضي عنه جي مٿس گهيري دوران مدد ڪئي. بي بي صفيهرضه جا حضرت بي بي فاطمة الزهريٰ رضي عنها سان پڻ تمام سھڻا تعلقات هئا. 50 يا 52 هجريءَ ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ سندس وفات ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو