صفيه بنت عبدالمطلب رضي ﷲ عنها

صفيه بنتِ عبدالمطلب رضي عنها: بي بي صفيه رضہ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب جي ڌيءُ هئي. صفيه جي ماءُ جو نالو هاله بنتِ وهب هو. هاله وري پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جي والدہ حضرت آمنہ جي ڀيڻ هئي، ان ڪري صفيه پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جي پڦي هجڻ سان گڏ ماسات بہ هئي. پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جن جو چاچو حضرت امير حمزہ رضہ بہ هاله جو پٽ هو ۽ بي بي صفيه جو ڀاءُ هو. صفيه جي شادي حارث سان ٿي، جيڪو ابو سفيان بن حرب جو ڀاءُ هو. ان مان بي بي صفيهرضه کي هڪ پٽ ڄائو. حارث جي انتقال کانپوءِ بي بي صفيه رضہ جو نڪاح بي بي خديجهرضه جي ڀاءُ عوامرضه بن خويلد سان ٿيو، جنهن مان صفيه کي حضرت زبير رضہ پيدا ٿيو. پاڻ ڪريم صلي عليہ وسلم جي پڦين مان فقط بي بي صفيه رضہ کي اسلام جي سعادت نصيب ٿي. هن 73 سالن جي عمر ۾ سن 20 هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو