صفدر حسين ميرزا

صفدر حسين ميرزا

صفدر حسين ميرزا

صفدر حسين ميرزا: نوجوان شاعر ۽ محقق صفدر حسين ميرزا جو پورو نالو ميرزا صفدر عباس بيگ ‘سيفي’ ولد ميرزا سڪندر علي بيگ آهي. سندس جنم 30 جنوري 1981ع تي حيدرآباد شھر جي ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد ناليوارو اديب ۽ عروض جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي، جنهن جو ‘سنڌيءَ جو عروض ’ ڪتاب پڻ سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. صفدر ميرزا ديني تعليم پنھنجي ڏاڏي ميرزا عباس علي بيگ ‘عباس’ ۽ مولانا ميرزا قنبر علي بيگ کان حاصل ڪئي. پرائمري کان انٽر تائين تعليم گورنمينٽ ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ۽ بي. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي ماحول مليو. شاگرديءَ واري دور کان شاعري توڙي نثر ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. پنھنجي ڏاڏي کان متاثر ٿي تاريخ جي مطالعي ۽ تحقيق طرف لاڙو ٿيس. شاعري ۽ فارسي ٻوليءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. هن باقاعدي لکڻ جي شروعات 2000ع ڌاري ڪئي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا سنڌ جي معياري تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران نڪرندڙ ‘سنڌي ٻولي جرنل’، سنڌالاجيءَ پاران نڪرندڙ ‘سنڌي ادب ’ قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ سندس فارسي ٻوليءَ ۾ تحقيقي مقالا ايراني ڪائونسل پاران اسلام آباد مان نڪرندڙ دانش تحقيقي جرنل سميت ٻين ڪيترن تحقيقي جرنلن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. صفدر ميرزا تاريخ تي وڏي ڄاڻ رکندڙ نوجوان آهي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ‘سيفي’ آهي. سندس ڪلام مرثيه، نوحا، قطعه تاريخ، غزل ۽ قصيدن تي مشتمل آهي. صفدر ميرزا جو وڏو ڪم قطعه تاريخ ۽ ٽالپر دور تي ٿيل آهي. سندس ڪيتريون ئي قطعه تاريخون مختلف عالمن ۽ اديبن جي وفات تي لکيل آهن. هي 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ملازم آهي ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ سينيئر ريسرچ فيلو طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) گنج (شاھہ لطيف جو ڪلام الف ب وار ترتيب: شريڪ مرتب: 2012ع)، (2) درد انگيز سفرنامه جعفري (2013ع)، (3) مقتل لهوف (2010ع)، (4) نغمهاي بلبل فصاحت (2011ع)، (5) سنڌ جا ٽالپر (2013ع) وغيرہ شامل آهن، جڏهن تہ ‘ديوان مير’ (مير صوبدار خان جو ديوان)، ‘تذڪره شعراءِ خيرپور ميرس’ ۽ ‘تاريخ چراغِ هدايت’ اڻ ڇپيل آهن. صفدر ميرزا حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صفدر حسين ميرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.01.30  عيسوي

نوجوان شاعر ۽ محقق صفدر حسين ميرزا جو پورو نالو ميرزا صفدر عباس بيگ ‘سيفي’ ولد ميرزا سڪندر علي بيگ آهي. سندس جنم 30 جنوري 1981ع تي حيدرآباد شهر جي ٽنڊي آغا پاڙي جي علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ اياز
حاجي نور محمد شاھہ نورل
رکيل شاھہ
مينگهو فقيرشر
صالح راڄپر وفا
غلام حسين سيلاني
امر ساهڙ
علي محمد مجروح
خواجہ غلام حسين ملنگ
سلامي ملا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون