صديق سالڪ برگيڊيئر

صديق سالڪ، برگيڊيئر: اديب، ناول نگار، نقاد ۽ فوجي آفيسر صديق سالڪ 1935ع ۾ منگلير، ضلعي گجرات ۾ ڄائو. هن اسلاميہ ڪاليج لاهور مان انگريزي ادب ۾ ايم.اي ڪئي. بين الاقوامي تعلقات مضمون جي ڊپلوما پنجاب يونيورسٽيءَ مان ڪري ڪجهہ عرصو تدريسي خدمتون انجام ڏنائين. جنهن بعد پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو، جتي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. انهيءَ مقرري دوران سندس بدلي اوڀر پاڪستان ۾ ٿي. 1971ع واري جنگ بعد هن ٻہ سال ڀارتي جيل ۾ ڪاٽيا. جيل مان آزاد ٿي وطن واپس آيو تہ کيس آئي.ايس.پي.آر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ضياءَ الحق جو پريس سيڪريٽري رهيو. ميجر جي عهدي تان ترقي ماڻي برگيڊيئر مقرر ٿيو. 17 آگسٽ 1988ع واري جھاز حادثي ۾ هو ضياءَ الحق سان گڏ اجل جو شڪار ٿيو. صديق سالڪ بھترين ليکڪ هو. سنڌ جي اديب غلام رباني آگري سان دوستي هئس، جنهن پنھنجي ڪتاب ‘جھڙا گل گلاب جا’ ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو اٿس. صديق سالڪ جي تصنيفن ۾: (1) ‘مين ني ڍاڪا ڊوبتي ديکا’ سندس انگريزي ڪتاب Witness to Surrender جو اردو ترجمو، (2) ‘همه ياران دوزخ’، (3) ‘تادم تحرير’، (4) ‘پريشر ڪُڪر اور ايمرجنسي’ وغيرہ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو