صديقي نذير احمد پروفيسر

صديقي، نذير احمد، پروفيسر: پروفيسر نذير احمد ولد حافظ عبدالرؤف صديقي، پهرين سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس تعليمي لياقت بي اي آنرز، ايم اي اقتصاديات هئي. پروفيسر نذير احمد صديقي پيشي جي لحاظ کان استاد هو. هو شڪارپور جي مشھور تعليمي اداري ‘سي ائنڊ ايس ڊگري ڪاليج’ ۾ پرنسپال جي عهدي تان 31 آگسٽ 1991ع ۾ رٽائر ٿيو. پروفيسر نذير احمد ننڍي هوندي کان ئي لکڻ شروع ڪيو. سڀ کان پهرين ‘محبت جي موٽ’ جي عنوان سان 1947ع ۾ هڪ افسانو لکيو، جيڪو ‘سنسار سماچار’ طرفان شايع ٿيندڙ مئگزين ‘چؤڏس’ ۾ شايع ٿيو هو. ان کانسواءِ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مقالا لکيل آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن. ان کان سواءِ پروفيسر نذير احمد جا ٻيا بہ ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻڇپيل مقالا موجود آهن. اديب، تعليمي ماهر ۽ دانشور هو. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، عربي ۽ فارسي زبانن تي دسترس حاصل هئي. کيس تقرير ڪرڻ جو وڏو ڏانءُ هو. ادب، تاريخ، اسلاميات ۽ ٻين موضوعن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير ڪري سگهندو هو. ماڻهو کيس توجھہ سان ٻڌندا هئا. هن 72 سالن جي ڄمار ۾ 30 آڪٽوبر 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ شڪارپور ۾ اميين شاھہ چشتي واري قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو