صديقي منظور احمد

صديقي، منظور احمد: نامياري شاعر منظور حسين 9 ڊسمبر 1892ع تي امروھہ (ڀارت) ۾ جنم ورتو. هن مڊل تائين تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ 1913ع ۾ تعليم مڪمل ڪيائين. 1915ع ۾ ٽيچرز ٽريننگ اسڪول ۾ پهريون نمبر پوزيشن کڻي پاس ٿيو. تعليم مڪمل ڪري هن پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات درس ۽ تدريس سان ڪئي. هو مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هيڊماستر جي حيثيت سان 1952ع ۾ رٽائر ٿيو، رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هي حيدرآباد، سنڌ آيو. هن شاعريءَ جي شروعات 1914ع کان ڪئي. سندس لکيل ڪتابن ۾: ‘برق تخيل’ (شعري مجموعو) 1924ع، رُباعيات افسر (شعري مجموعو: 1924ع)، ‘تابش خيال’ (شعري مجموعو: 1929ع)، ‘شھاب تخيل’ (شعري مجموعو: 1939ع)، ‘هادي الجمع قواعد’ (1923ع)، ‘تذڪره عروس الاذڪار’ (1975ع)، ‘بياض مراثي’ (ترتيب: 1975ع)، ‘مصحفي حيات ۽ ڪلام: 1975ع)، ‘تلامذه مصحفي’ (1977ع)، ‘مثنوي عاقبت بخير’ (ترتيب: 1981ع)، ‘مثنوي نو سرهار’ (ترتيب: 1975ع)، ‘تلامذه مصحفي’ (1977ع)، ‘مثنوي عاقبت بخير’ (ترتيب: 1981ع)، ‘مثنوي نو سرهار’ (ترتيب:1983ع)، ‘مخطوطات انجمن ترقي اردو پاڪستان’ (اٺ جلد)، ‘تذڪره شعراءَ برهان پور ڪلام’ ۽ ‘غالب جي شرحين نامي’ عنوان بہ شايع ٿي چڪا آهن. هن 9 فبروري 1984ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1892.12.09  عيسوي

شاعر منظور حسين 9 ڊسمبر 1892ع تي امروهه (ڀارت) ۾ جنم ورتو.


1984.02.09  عيسوي

منظور حسين 9 فبروري 1984ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مهتديٰ لکوي
اسرار احمد علوي پروفيسر
آسي زميني
فواد ڪلوڙ
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
الھورايو اُداسي بھڻ
احمد خان اختر
حافظ حامد ٽکڙائي
پلي خليفو محمد امين درس
ادريس عاجز عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون