صدر فقير لنجواڻي

صدر فقير لنجواڻي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳي صدر فقير ولد غلام علي لنجواڻي 1981ع ڌاري ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي جا لنجواڻي ’شاھہ جا راڳي‘ طور سڃاتا وڃن ٿا، سندس خاندان گهڻي وقت کان شاھہ جي راڳ سان واڳيل رهيو آهي. شاھہ سان عقيدت ۽ خانداني راڳ واري ماحول سبب صدر فقير 2004ع ڌاري نادر فقير لنجواڻي جي شاگردي اختيار ڪري راڳ جي سکيا ورتي. خاص ڪري شاھہ جي تخليق وائي جي ٽنهي قسمن، دتالي وائي، ڇيڙ وائي ۽ ڏيڍي وائي تي مهارت اٿس. ان سان گڏ شاھہ جي الهامي ساز دنبوري تي بہ عبور اٿس. شاھہ لطيف جي درگاھہ جي صحن ۾ ڳائڻ سان گڏ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ شاھہ جي راڳ جي محفلن ۾ پڻ حصو وٺندو رهي ٿو. صدر فقير شاھہ جي صحن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفل ۾ آچر رات وارن راڳين ۾ شامل آهي. پاڻ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪيهر فقير لنجواڻي ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو