صحيح مسلم شريف

صحيح مسلم شريف

صحيح مسلم شريف

صحيح مسلم شريف: هن ڪتاب جي مصنف جو نالو امام مسلم بن حجاج آهي، هن جي نسبت قشير قبيلي سان آهي ۽ خراسان جي هڪ شھر نيشاپور جي طرف نسبت هجڻ ڪري نيشاپوري بہ سڏيو وڃي ٿو. امام مسلم جي ولادت جي سن ۾ اختلاف آهي ۽ ٽي سن بيان ڪيا ويا آهن. 202ھہ/ 871ع، 204ھہ/ 819ع ۽ 206ھہ/ 821ع امام مسلم جي وفات عجيب انداز ۾ ٿي، هڪ مجلس ۾ هن کان هڪ حديث بابت پڇيو ويو. امام مسلم کي حديث ياد نہ پئي آئي، سو پنھنجي گهر اچي پنھنجي ڪتبخاني ۾ حديث ڳولڻ لڳو. ڪنهن سندس خدمت ۾ کجورن جو ٽوڪرو پيش ڪري سندس ڀر ۾ رکي ڇڏيو. امام مسلم حديث جي تحقيق ۾ اهڙو تہ محو ٿي ويو، جو هن اوسي پاسي جي بہ خبر ٿي پئي، اهڙي حالت ۾ هي ٽوڪري مان هڪ هڪ کجور بہ کڻندو کائيندو ويو ۽ حديث بہ ڳوليندو رهيو. ايئن ڪندو ڪافي رات گذري وئي ۽ حديث ملي وئي، پر گڏوگڏ جيڪو کجورن جو ٽوڪرو ڀرسان پيل هو اهو بہ ختم ٿي چڪو هو ۽ حد کان وڌيڪ کجور کائي وڃڻ سبب امام مسلم جي وفات ٿي، هن 24 رجب المرجب 261ھہ/9 مئي 875ع ۾ وفات ڪئي ۽ نيشاپور ۾ دفن ٿيو. امام مسلم جي مستند حديثن جي ڪتاب صحيح مسلم بابت حافظ ابو علي نيشاپوري لکي ٿو ته، “صحيح مسلم علم حديث جي سڀني ڪتابن تي ترجيح رکي ٿو ۽ عربي ۾ هي چيائين: “ماتحت اديم السماء اصح من ڪتاب مسلم (في علم الحديث).” (ترجمو: علم هديث ۾ روئي زمين تي صحيح مسلم کان وڌيڪ صحيح ڪو بہ ڪتاب نہ آهي.)
امام مسلم 3 لک حديثون ياد ڪيون ۽ جڏهن تحقيق مڪمل ٿي وئي، تڏهن امام مسلم 3 لکن حديثن مان ڇنڊڇاڻ ڪري 7563 مستند حديثون صحيح مسلم ۾ شامل ڪري ڪتاب مڪمل ڪيو. اهو ڪتاب ڪيترائي ڀيرا سالن کان عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو