صحيح حاڪم: هن ڪتاب جو مصنف ابو عبدالله محمد بن عبدالله بن محمد المعروف بہ ابن البسيع آهي هي پنھنجي دؤر جو نامور فقيھ محدث ٿي گذريو آهي. هي حاڪم نيشاپوري جي نالي سان مشھور آهي، ڇو تہ هي نيشاپور جي رهڻ وارو هو. هي واپاري هو. هوش سنڀالڻ کانپوءِ هن اسلامي مختلف شهرن جو سفر اختيار ڪيو، انهيءَ سفر دوران هن ٻہ هزار شيخن کان حديث جي علم کي حاصل ڪيو. هن کي حاڪم انهي ڪري چيو ويندو هو. جو هي قضا جي عهدي تي مامور هو. هن جي ولادت 321ھہ/933ع ۾ ٿي ۽ وڏي عمر ۾ 405ھہ/1014ع ۾ رحلت ڪيائين. حاڪم نيشاپوري ‘صحيح حاڪم’ انهي ڪري تيار ڪيو تہ جيئن هن ۾ صرف مستند سندن واريون حديثون جمع هجن، جنهن تي ڪنهن کي بہ شڪ شبھہ نہ هجي. ‘صحيح حاڪم’ کي مستندرڪ حاڪم بہ سڏيو وڃي ٿو. هن کان سواءِ ‘تاريخ نيشاپور’، ‘مزڪي الاخبار’، ‘ڪتاب الحدخل الي علم الصحيح’، ‘ڪتاب الاڪليل’ ۽ ‘فضائل امام شافعي’ پڻ مشھور آهي. ‘تاريخ ابن خلڪان’ ۾ ڄاڻايل آهي ته، “حاڪم نيشاپوري جون تصنيفون هڪ هزار پنج سؤ آهن. هو ٻين ڪيترن ئي علمن ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، پر سڀني کان وڌيڪ حديث جي علم ۾ مهارت رکندو هو.”