
صحيح بخاري
صحيح بخاري (ڪتاب): حديثن بابت مستند ڪتاب ‘صحيح بخاري’ جو مصنف امام ابو عبدالله محمد بن اسماعيل بخاري هو. هي بخارا شھر ۾ 13 شوال المڪرم 194ھہ/24 جولاءِ 810ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 256ھہ/870ع ۾ وفات ڪئي ڪنهن عربي ٻوليءَ جي شاعر سندس مادہ تاريخ هيئن چئي آهي:
ميلاده صدق ومدة عمره، فيها حميد وانقضيٰ في نور. (ولادت جو سال صدق 194ھہ مان، عمر حميد 62 منان ۽ وفات جو سال نور 256ھہ مان نڪري ٿو.)
امام بخاري ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، پر حديثن بابت سندس هي مستند ڪتاب صحيح بخاري وڏو ناياب ڪتاب آهي. صحيح بخاري ڪتاب جو اصل نالو ‘الجامع المسند الصحيح المختصر من امور رسول ﷲ عليہ وسلم وسننھ وايامھ’ آهي. ان کان سواءِ ‘الجامع الصحيح’ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جي لکڻ جو سبب اهو آهي تہ هڪ ڏينهن اسحاق بن راهويه محدث جي مجلس ۾ امام بخاري حاضر ٿيو. امام اسحاق خطابت ڪندي اهو چيو ته، جيڪڏهن ڪنهن کي حوصلو هجي تہ حديثن جو هڪ اهڙو ڪتاب جوڙي، جنهن ۾ فقط اهي حديثون هجن، جيڪي صحت ۾ اعليٰ درجي تي هجن ۽ جن جي مستند هجڻ ۾ ڪنهن کي شڪ نہ هجي ۽ ماڻهو بنا ڊپ جي انهن تي عمل ڪندا رهن. امام بخاريءَ کي اها ڳالھہ ڏاڍي وڻي ۽ انهي وقت پڪو پھہ ڪيائين تہ حديثن جو مستند ڪتاب ضرور تنصيف ڪبو. انهي مجلس مان اٿندي امام بخاري حديثن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ائين ڪندي ڪندي هن کي 6 لک حديثون ياد ٿي ويون، انهن مان هن اهي حديثون چونڊي جدا ڪيون جيڪي چوٽي جون صحيح ۽ مستند هيون ڇھن لکن حديثن مان امام بخاري وڏي محبت ۽ تحقيق ڪري ڪل 7275 حديثون صحيح بخاري ۾ شامل ڪيون. چونڊيل حديثن مان هر هڪ حديث لکڻ کان اڳ پهريائين وضو ڪري ٻہ رڪعتون نفل پڙهي پوءِ قلم هٿ ۾ کڻي حديث لکندو هو، اهڙي طرح هر هڪ حديث لکڻ کان پهرين وضو ڪري ٻہ رڪعتون نفل پڙهي پوءِ لکندو هو ۽ جنهن سبب صحيح بخاري کي مڪمل ڪرڻ ۾ امام بخاري کي 16 سال لڳي ويا، امام بخاري هي ڪم مديني منوره ۾ پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم جن جي روضي مبارڪ ۽ مسجد نبويءَ جي وچ ۾ ويهي پورو ڪيو ۽ پوري ڪرڻ کان پوءِ ان جو نالو “الجامع المسنه الصحيح المختصر من امور رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم وسننھ وايامھ” رکيائين. امام بخاري اهو ڪتاب نوي هزار عالمن جي روبرو اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو. صحيح بخاري جا عربي، فارسي ۽ اردو ۾ تہ ڪيترائي نسخا ڇپجي چڪا آهن پر سنڌيءَ ۾ انهيءَ جو ترجمو 1925ع ۾ مولانا دين محمد وفائي ڪيو، جيڪو ٻن جلدن ۾ مهراڻ اڪيڊمي طرفان 2000ع ۾ شايع ٿيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 483 صفحن تي مشتمل پهرين جلد جي قيمت 225 روپيا ۽ 544 صفحن تي مشتمل ٻئي جلد جي قيمت بہ 225 روپيا ڄاڻايل آه
810.07.24 عيسوي
حديثن بابت مستند ڪتاب ‘صحيح بخاري’ جو مصنف امام ابو عبدالله محمد بن اسماعيل بخاري هو. هي بخارا شهر ۾ 13 شوال المڪرم 194هه/24 جولاءِ 810ع ۾ پيدا ٿيو