صحيح اسمٰعيلي

صحيح اسمٰعيلي: حديثن بابت هي ڪتاب صحيح بخاريءَ تي مستخرج آهي. محدثن جي اصطلاح ۾ مستخرج ان کي چيو وڃي ٿو، جو ڪنهن ٻئي ڪتاب مان ثابت ڪيل حديثون، جنهن جي ترتيب ۽ سنَدن کي انهيءَ ڪتاب مطابق رکيو وڃي ۽ گڏوگڏ پنھنجي سندن کي اهڙيءَ طرح رکيو وڃي، جو اصل ڪتاب ۽ ان جو مصنف وچ ۾ رهي، جنهن جي ڪتاب تي مستخرج آهي. ‘صحيح اسماعيلي’ جي مصنف جو نالو احمد بن ابراهيم بن اسماعيل بن العباس الاسماعيلي ۽ ڪنيت ابوبڪر آهي. ابوبڪر احمد اسماعيلي شھر جرجان ۾ پنھنجي وقت جو امام هو. فقھ ۽ حديث ۾ ماڻهو هن کي مقتدا سمجهندا هئا. امام بخاري (متوفي 256ھہ/ 870ع) جي وفات کان ايڪيھہ سال پوءِ 277ھہ/890ع ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍپڻ کان ئي حديث جي علم کي وڏي شوق سان پڙهندو هو. هوش سنڀالڻ بعد حديث جي عالمن کان فيض پرائڻ جي شوق ۾ سفر لاءِ تيار ٿيو، پر سندن رشتيدار ۽ عزيز واقارب هن کي خوشيءَ سان اجازت ڪو نہ ڏينداهئا ۽ مختلف حيلا بهانا ۽ نهايت چاپلوسيءَ سان هن کي هن جي ارادي کان روڪيندا رهيا، تان جو جڏهن محمد بن يعقوب رازيءَ جو (پنھنجي دؤر جو نامور محدث) انتقال ٿي ويو تہ اسماعيلي پنھنجي گهر ۾ اچي ڪپڙا ڦاڙي آه وبڪا ڪرڻ لڳو، سڀئي رشتيدار هن وٽ جمع ٿيا ۽ روئڻ جو سبب پڇڻ لڳا، جنهن تي هن جواب ڏنو تہ اوهان مون کي اجازت نہ ڏني ۽ ڏسو ڪيڏي نہ وڏي محدث (مرزا) جو انتقال ٿي ويو آهي ۽ آءٌ هن کان علم جي دولت حاصل ڪرن کان محروم ٿي ويس، جڏهن مٽن مائٽن هن جي اها حالت ڏني تہ تسلي ڏئي چيائون تہ اڃا بہ ڪافي وڏا عالم آهن تون جيڏانهن چاهين سفر ڪر- سفر تي نڪرڻ کان پوءِ هن حسن بن صفيان، ابويعلي، عبدان، ابو خليفہ جهجي، محمد بن عثمان بن ابي شيبه، شيخ زاهد محمد بن مقابري، ابراهيم بن زهير حلواني، فريابي ۽ ٻين نامور محدثن کان حديث جو علم حاصل ڪيائين، سفر دوران نساء، بغداد، ڪوفه، اهواز، بصره، انبار، موصل، جزيره ۽ ٻين اسلامي شهرن ۾ علم حديث خاطر ڦرندو رهيو. ڪجهہ فاضل محدثن هن جي باري ۾ چيو آهي تہ اسماعيليءَ کي اجتهاد جو درجو حاصل هو. هن کي سوين ڪتاب برزبان ياد هوندا هئا. اسماعيليصحيح اسماعيليتصنيف کانسواءِ ’مسند ڪبير‘ بہ تصنيف ڪيو جيڪو تقريباً 100 جلدن تي مشتمل آهي ۽ هڪ معجم ۾ تصنيف ڪيائين. صفر المظف 371ھہ/آگسٽ 981ع ۾ رحلت ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو