صبر: عربي لغتدانن وٽ صبر جو مادو (ص+ب+ر) حرفن مان آهي، جنهن جي معنى ‘روڪڻ’ يا ‘بند ڪرڻ’ آهي. صبر عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ هڪ اهم اسلامي تصور سان گڏ هڪ خاص ذهني ۽ روحاني رويو آهي، جيڪو انساني ڪردار ۾ بُردباري ۽ مضبوطي پيدا ڪري ٿو. صبر جو هيءُ اسلامي تصور خاص طور تي جهاد سان ڳنڍيو وڃي ٿو. ڪجهه هنڌن تي صبر جو لفظ صلواة (نماز) سان گڏ بہ آيو آهي. مفسرن جي چوڻ موجب انهن عبادتن ۾ هي لفظ روزي جي مترادف بہ استعمال ٿيو آهي. ان جي تصديق هن مان ڪري سگهجي ٿي تہ رمضان شريف جي مهيني کي ‘شھر الصبر’ پڻ سڏيو ويو آهي. صبر جي اهميت جو اندازو هن ڳالھہ مان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ﷲ تعالى جي سهڻن نالن ۾ ‘الصبور’ بہ شامل آهي. فڪر جي اخلاقي نظام ۾ صبر جي بنيادي فضيلت آهي، ان جو مفهوم نفس جي ضابطي طور بہ آيو آهي. امام غزاليءَ تہ صبر جي بحث کي ستن موضوعن ۾ ونڊيو آهي. اسلام جي قيام ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ مصيبتن ۽ ڏکيائين جي ڪري قرآن ۽ حديث ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مومنن کي صبر ۽ استقامت کان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ ان جي موٽ ۾ ڪاميابي ۽ فتح جي خوشخبري ڏني وئي آهي. صبر جي فطري اهميت هيءَ آهي تہ صبر سان انسان ۾ قوتِ ارادي ۽ قوت عمل ۾ گهٽتائي نہ ٿي اچي، بلڪہ سخت حالتن ۽ مشڪل معاملن کي سھڻ جوڳو ڪرڻ ۾ ان جو بنيادي حصو هوندو آهي. عام معاشري ۾ نظم برقرار رکڻ ۽ هڪٻئي سان سھڻا واسطا برقرار رکڻ لاءِ صبر کي بنيادي اهميت حاصل آهي. صبر پنھنجي مفهومن جي لحاظ سان هڪ وسيع اصطلاح آهي. قرآن ۽ حديث شريف ۾ صبر جي وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي.