صبا قمر

صبا قمر

صبا قمر

صبا قمر: مشھور اداڪارہ ۽ ماڊل صبا قمر 5 اپريل 1984ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بي. ڪام جي ڊگري لاهور مان حاصل ڪئي. ڪيريئر جي شروعات 2004ع ۾ ماڊلنگ ۽ 2005ع ۾ پي. ٽي. وي جي ڊرامي ’ميں عورت ہوں‘ ۾ اداڪاري کان ڪئي. 2009ع ۾ تاريخي ڊرامي ’جناح کے نام‘ ۾ فاطمہ جناح جو ڪردار ادا ڪيو. سندس ٻين ڊرامن ۾: ’داستان‘ (2010ع)، ’پاني جيسا پيار‘ (2011ع)، ’مات‘ (2011ع)،’ميں ستارہ‘ (2016ع)، ’باغی‘ (2017ع)، ’چيخ‘ (2019ع)، ’فراڈ ‘ (2022ع)، ’قابيل‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ٽيلي ۽ شارٽ فلمن ۾: ’مومل راڻو‘،’سکا‘، ’عشق‘، ’آئينا‘، ’اس دل کی ایسی کی تیسی‘، ’لاہور سے آگے‘، هندوستاني فلم ’ ہندی میڈ یم‘ ۽ ٻيون شامل آهن. ان کان علاوہ ٽي. وي جي مشھور مزاحيہ پروگرام ’ہم سب اميد سے ہیں‘ جي ميزباني بہ ڪري چڪي آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ’تمغه امتياز‘ (2012ع)، ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (2016ع)، ’لڪس اسٽائل اوارڊ‘، ’هم اوارڊ‘، ’پاڪستان ميڊيا اوارڊ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن


لفظ صبا قمرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.04.05  عيسوي

مشھور اداڪاره ۽ ماڊل صبا قمر 5 اپريل 1984ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شالمين شيدي
آچر درويش
داداڀائي ولي محمد
شاهنواز ٻرڙو
مير مراد علي خان ٽالپرعلي
محمد پريل بيدار مڱريو
ڪرشن کٽواڻي
جلال محمد هالائي مخدوم
بختاور شھيد
چوڌري پرويز الاهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون