صالح کهڙو

صالح کهڙو

صالح کهڙو

صالح کهڙو: نامور اديب صالح کهڙي جو پورو نالو محمد صالح ولد فضل محمد کهڙو آهي. سندس جنم 15 مارچ 1961ع تي ڳوٺ کهڙا، تعلقي لکي غلام شاھہ، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماڙي مان، مئٽرڪ گورنمينٽ شاھہ لطيف هاءِ اسڪول شڪارپور مان، انٽر ۽ بي. اي گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان، ايم. اي پوليٽڪل سائنس ۾ 1982ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ديني تعليم جي لحاظ کان پاڻ ناظره قرآن مجيد پڙهيل آهي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ اشاعتي اداري مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور سان سلهاڙيل آهي. صالح کهڙي جا ديني، تعليمي، ٻارن، ادبي ۽ سماجي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن ۾ هيٺيان اهم آهن: ‘شام جا ٺڳ’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 1991ع)، ‘پوڙهو جن’ (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون: 1996ع)، ‘ٽھڪ ئي ٽھڪ’ (1996ع)، ‘مور ۽ سھي جي ڳالھہ’ (1999ع)، ‘سنڌ جي تاريخ’ (2000ع)، ‘ايجادن جون آکاڻيون’ (2000ع)، ‘حضرت علي عه جا فرمان’ (2001ع)، ‘ڪربلا معليٰ جون زيارتيون’ (2001ع)، ‘عالمي معلومات’ (2004ع)، ‘شير خدا فرمايو’ (2004ع)، ‘شير خدا رضہ جا خط’ (2005ع)، ‘نهج البلاغه’ (ترجمو: 2005ع)، ‘حضرت علي عه جا قول، ڳالهيون ۽ فيصلا’ (2005ع)، ‘پنھون '>سسئي پنھون ’ (2005ع)، ‘عمر مارئي’ (2005ع)، ‘مومل راڻو’ (2005ع)، ‘سورٺ راءِ ڏياچ’ (2005ع)، ‘سھڻي ميهار’ (2005ع)، ‘ليليٰ چنيسر’ (2006ع)، ‘نوري ڄام تماچي’ (2008ع)، ‘رنن جا مڪر’ (2006ع)، ‘تذڪرت الاولياءَ’ (2006ع)، ‘فضائل اهلبيت’ (2006ع)، ‘کل جا کٽمٺڙا’ (2006ع)، ‘شاھہ جا بيت’ (2006ع)، ‘شاھہ جون وايون’ (2006ع)، ‘ملان دوپيازو ۽ بيربل’ (2007ع)، ‘ملان ۽ موالي’ (2007ع)، ‘مورڙيو ۽ مڇ مانگر’ (2007ع)، ‘ليليٰ مجنون’ (2007ع)، ‘وتائي فقير جا ڀوڳ ۽ چرچا’ (2007ع)، ‘چيزل سائين جو چونڊ ڪلام’ (2007ع)، ‘ٻڍل فقير جو چونڊ ڪلام’ (2007ع)، ‘عشق نہ پڇي ذات’ (2007ع)، ‘سنڌ جي معلومات’ (2007ع)، ‘حضور پاڪ صہ جا فيصلا’ (2008ع)، ‘مهدي شاھہ جو چونڊ ڪلام’ (2008ع)، ‘چونڊ سنڌي لوڪ ڪهاڻيون’ (2010ع)، ‘حضور پاڪ صہ جن جا فيصلا’ (مڪمل: 2011ع)، ‘فاروق اعظمرضه جا فيصلا’ (2011ع)، ‘انسائيڪلوپيڊيا اقوال حضرت علي رضہ’ (2012ع)، ‘حضرت علي جا فيصلا’ (2014ع)، ‘حضور پاڪ جن جون پيشنگويون’ (2014ع)، ‘قيامت جون نشانيون’ (2015ع)، ‘سنڌ جي مڪمل تاريخ’ (2015ع)، ‘مُلا نصيرالدين جا چرچا’ (2015ع)، ‘مشھور انسانن جون آخري چار گهڙيون’ (2015ع)، ‘اسلامي معلومات جو خزانو’ (2015ع)، ‘صديق اڪبررضه جا فيصلا’ (2015ع)، ‘ڳجهارتون’ (2016ع)، ‘ڪير ڪير آهي، ڇا ڇا آهي’ (2016ع) قابل ذڪر آهن. صالح کهڙي شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ مختلف ڪلاسن لاءِ گائيڊون پڻ تيار ڪيون آهن، جيڪي مختلف ادارن طرفان ڪيترائي دفعا ڇپجي چڪيون آهن. صالح کهڙي ٻارن جي ادب لاءِ انتهائي ڪارائتو ڪم آهي. هي هن وقت ڳوٺ کهڙا ۾ رهائش پذير آهي


لفظ صالح کهڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.15  عيسوي

صالح کهڙي جو جنم 15 مارچ 1961ع تي ڳوٺ کهڙا، تعلقي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانائي حامد علي قريشي
سريش ببلاڻي ڊاڪٽر
چرن داس گُر سھاڻي
علي قلي بيگ مرزا
ساگر ڏهراج
پنھل ڏهر
شمشاد احمد سومرو
ديپچندر تلوڪچند چندر
جوڻيجو عبدالقادر
خواند مير
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون