صالح شاهه جو مقبرو

صالح شاهه جو مقبرو

صالح شاھہ جو مقبرو

صالح شاھہ جو مقبرو: هيءُ مقبرو 70 31’ 30’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 54’ 10’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي قادربخش جي قبرستان ۾، ديھہ اڪبر پور جاگير، تعلقو روهڙي، ضلعي سکر ۾ آهي. مقبري جي اولھہ ۾ 5 ڪلوميٽرن تي ٽه مُنهين ڳوٺ، ڪنڌرا جو ڳوٺ 12 ڪلوميٽر اولھہ ۾، جڏهن تہ سکر هتان کان 24 ڪلوميٽر اتر ۾ آهي. مقبرو چورس رٿ ۾ 7.40 ميٽر ڊگهو، 7.40 ميٽر ويڪرو ۽ 11 ميٽر اوچو آهي. مقبرو گِل گاري ۽ چن سان اوساريل آهي. مقبرو چن سان پلستر ٿيل آهي، جنهن جو دروازو نوڪين ونگن ۾ اوڀر طرف ڏنل آهي. لنگهہ جي مٿان ٻہ اونهان مستطيل طاقچا اوچائيءَ تي ٺهيل آهن. جن جي مٿان هڪ هوائون ڇڏيل آهي، جڏهن تہ مهاڙيءَ ۾ دروازي جي ٻنهي پاسي مستطيل پانيل ٺهيل آهن. مهاڙيءَ کي ڇڏي باقي مقبري جي ٽن پاسن کان 7- 7 پانيل ڪل 21 پانيل سينگار لاءِ مستطيل نموني جا ٺهيل آهن. ٻيڙٻني تي ڪنگرن سان جنسار ٿيل آهي. اهڙا ٽي ڪنگرا اٺ ڪنڊي ڳچ تي بہ ٺهيل آهن. گنبذ اونڌي ٿيل پيالي وانگر ٺهيل آهي، جيڪو اٺ ڪنڊي ڳچ جي مٿان ٺاهيو ويو آهي. گنبذ جي چوٽي ڀڳل آهي. مقبري ۾ اندر مستطيل پانيلن جي جنسار سان گڏ مختلف قسم جا جاميٽريائي چٽ نڪتل آهن. اندران ڪنڊن وٽان جوڙ ڪنڊون مٿي وڃي ڳچ ٺاهين ٿيون. اولھہ واري ڀت تي هڪ چورس وڌواڙو ڏنل آهي. اهڙو وڌواڙو اتر واري ڀت ۾ بہ آهي. جڏهن تہ اوڀر واري ڀت ۾ دري ٺهيل آهي. ڳچ ۾ ڪل 16 ونگاوان پانيل ٺهيل آهن، جن کي 4 هوائوڻا ڏنل آهن. ڳچ تي گنبذ ٺهيل آهي، جنهن کي ڪلسو ڏنل آهي. مقامي طور هن کي کجرڻ جو قبو ڪري چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو