صادق علي شاھہ جو ڪوٽ

صادق علي شاھہ جو ڪوٽ: هيءُ ڪوٽ ديھہ بائيجي ڳوٺ، بائيجي روڊ، پني عاقل ۾ آهي. هن وقت هيءُ ڪوٽ تباھہ ٿيل آهي. هي ڪوٽ ڇھن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي، جيڪو صادق علي شاھہ زميندار پنھنجي بچاءَ لاءِ ٺهرايو هو. هن وقت ڪوٽ ڪِري پيو آهي، جنهن جا ڪجهہ حصا باقي بچيا آهن. زمين تي مقامي ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو