صاحبن جي لوءِ واري مسجد/ موسن شاهه جي مسجد گهوٽڪي

صاحبن جي لوءِ واري مسجد/ موسن شاهه جي مسجد گهوٽڪي

صاحبن جي لوءِ واري مسجد موسن شاھہ جي مسجد گهوٽڪي

صاحبن جي لوءِ واري مسجد/ موسن شاھہ جي مسجد گهوٽڪي: هيءَ قديم مسجد گهوٽڪي شھر ۾ اوڀر پاسي آهي. گهوٽڪي جو پراڻو نالو ‘صاحبن جي لوءِ’ هو، جيڪو اڳتي هلي گهوٽا ذات جي نسبت سان گهوٽڪي ٿيو. هي مسجد هڪ بزرگ سيد محمد موسيٰ اَول ٺهرائي. مسجد جو ڪم يارهين هجري صديءَ جي آخر ۾ شروع ٿيو. جيڪو چئن سالن جي عرصي ۾ 1101ھہ/ 1690ع ۾ مڪمل ٿيو. سيد محمد موسيٰ شاھہ هن مسجد جي تعميرات لاءِ صاحبن جي لوءِ (گهوٽڪي) کان اٺ ميل پري ميرپورماٿيلي شھر ۾ سرن جا بٺا هڻايا، جتي سندن مريد وڏي تعداد ۾ آباد هئا. سرون ڍڳي گاڏين ذريعي صاحبن جي لوءِ آنديون ويون. روايت آهي تہ مسجد جي تعميرات ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مزدورن ۽ رازن حصو ورتو، جيڪي سمورا حافظ قرآن ۽ تھجد گذار هئا. مسجد 1250چورس فوٽ آهي. مسجد جي اصلوڪي اڏاوت ۾ 84 ڪاٺ جا خوبصورت ٽُڪ ۽ گهاڙيٽي سان ٿنڀا هئا. جن بابت روايت مشھور آهي تہ سيد موسيٰ شاھہ مسجد جي وچ وارا ٽي گنبذ جن جي اوچائي 50 فوٽ کن ٿيندي ۽ ورانڊي وارو حصو تعمير ڪرايو. ورانڊي ۾ 84 ٿنڀا لڳائڻا هئا پر 83 ٿنڀا لڳائڻ کانپوءِ ڪاٺ ختم ٿي ويو ۽ ڪم بند ڪرايو ويو. سيد محمد موسيٰ شاھہ ڪم اڌ ۾ بند ٿيڻ تي فڪرمند ٿيو. پر هڪ روايت موجب فجر نماز مھل ڏٺو ويو تہ باقي رهيل هڪ ٿنڀو پڻ ٺھي چڪو هو. پوءِ اهو ٿنڀو ‘حضوري ٿنڀو’ جي نالي سان مشھور ٿيو. مسجد ۾ اڍائي هزار نمازين جي گنجائش آهي. سيد محمد موسيٰ جي دؤر کان قرآن مجيد ۽ ٻين ديني علوم جي تعليم ڏني ويندي آهي. سيد محمد موسيٰ شاھہ کانپوءِ سندس فرزند سيد صالح محمد شاھہ اتر ۽ ڏکڻ طرف هڪ هڪ گنبذ جو اضافو ڪرايو، جنهن سبب گنبذ پنج ٿي ويا. 1276ھہ/ 1859ع ۾ سيد صالح محمد شاھہ ‘اصغر’ جي دؤر ۾ ان وقت جي مختيارڪار مسجد جي مرمت ڪرائي ۽ مسجد جو فرش ۽ چٽسالي ڪرائي وئي. ان کان پوءِ 1960ع ۾ مسجد جي ٻاهرين ورانڊي واري ڇت زبون حال ٿيڻ سبب سردار علي نواز مرمت ڪرائي، جنهن ۾ 84 ٿنڀن جي جاءِ تي 15 سيمينٽ جا ٿنڀا ڏنا ويا، ۽ خوبصورتيءَ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو. ان کان پوءِ رنگ روغن توڙي خوبصورتيءَ کي وڌائڻ لاءِ ننڍو وڏو ڪم ٿيندو رهيو آهي. سردار غلام محمد خان مهر، ڊاڪٽر غلام حسين قريشي ۽ ٻيا هن تاريخي مسجد جي رونق وڌائڻ لاءِ جيلاني گادي نشين ۽ مسجد جي متولين سان سهڪار ڪندا رهيا آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو