صابر ٿارياڻي

صابر ٿارياڻي

صابر ٿارياڻي

صابر ٿارياڻي: اردو ۽ گجراتيءَ جي مشھور ۽ معروف شاعر، صحافي ۽ سنڌ جي نامور آرڪيٽيڪٽ صابر ٿارياڻيءَ جو اصل نالو عبدالحسين مھر علي ٿارياڻي هو. هو 3 اپريل 1905ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ بعد ۾ اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. کيس ادب ۾ لکڻ جو شروع کان ئي شوق هو. پاڪستان ٺھڻ کان پهريان هن جي ادارت ۾ مختلف اخبارون جاري ٿيون، جن ۾ هفتيوار اخبار مسلم آواز، روزاني آزادي، روزاني ‘وطن’ اخبار شامل آهن. صابر ٿارياڻي تعمير جي فن جي تعليم بمبئي مان حاصل ڪئي. هن ڪراچي اچڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ‘فيڊريشن آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ انجنيئرز’ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي. هن بطور آرڪيٽيڪٽ جن عمارتن جا ڊزائن تيار ڪيا هئا، انهن ۾ ڍاڪا جي ‘بيت المڪرم’ مسجد، ڍاڪا ميوزم، بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، ڍاڪا امپرومنٽ ٽرسٽ، ڪراچيءَ جو محمدي هائوس، آدم جي هائوس ۽ حبيب اسڪوائر جون خوبصورت عمارتون شامل آهن. صابر ٿارياڻي پنھنجي ڪم سان گڏ لکڻ وارو ڪم بہ جاري رکيو. اردو ۽ گجراتي ٻوليءَ ۾ شاعري بہ ڪئي. سندس شعري مجموعن ۾ ‘ديوان صابر’، ‘گلدسته عقيدت’ ۽ ‘صابر ڪي موتي’ (جوش مليح آباديءَ جو ترجمو ڪيل) شامل آهن. هن هڪ مرثيو بہ لکيو هو، جيڪو هن جي وفات کانپوءِ ’پهلا اور آخري مرثيہ‘ جي عنوان سان شايع ٿيو هو. هن 30 ڊسمبر 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ صابر ٿارياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.5.03  عيسوي

صابر ٿارياڻي 3 اپريل 1905ع تي بمبئيءَ ۾ پيدا ٿيو.


1972.12.30  عيسوي

صابر ٿارياڻي 30 ڊسمبر 1972ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏکايل غلام حيدر ڪلهوڙو
پريت رخسانه
ابراهيم منشي
رضوي سيد علي مدد شاھہ
ڀڳت ڪبير
سلطان علي شاھہ
رفيعه ملاح
انعام ٽکڙائي
اشرف پلي
بچل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون