پروفيسر صابر شمس ڪلوڙ

پروفيسر صابر شمس ڪلوڙ

صابر شمس ڪلوڙ پروفيسر

صابر شمس ڪلوڙ، پروفيسر: ناليوارو استاد ۽ شاعر صابر شمس ولد محمد بچل ڪلوڙ، 3 جون 1952ع تي پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ سراءِ (حسين ڪلوڙ) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي (سياست)، ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ بي. ايڊ آهي. 1984ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پوليٽيڪل سائنس جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جنهن بعد 1997ع ۾ گورنمينٽ عطا حسين شاھہ موسوي ڪاليج روهڙيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 2009ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر (BPS-19) طور ترقي ٿيس ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ مقرر ٿيو ۽ پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ پڻ رهيو. جتان 2012ع ۾ رٽائر ڪيائين. ملازمت دوران ڪاليج ۾ ادبي سرگرمين کي عروج تي پهچايائين. روهڙي ڪاليج مان نڪرندڙ ‘بيدل مخزن’ ۽ ڊگري ڪاليج سکر جي مخزن ‘فڪرِ مهراڻ’ جو چيف ايڊيٽر رهيو. هن 1971ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو.
سندس تحقيقي مضمون مختلف مخزنن، ادبي رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ڪهاڻيون ماهوار شھباز حيدرآباد ۾ ڇپيون آهن. سندس شاعري ‘ٽماهي مهراڻ’، ‘نئين زندگي ’ ، ‘سنڌ رويو’، ‘شھباز’، ‘پيغام’، ‘ماروئڙا’ ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس ڪلام مشھور فنڪارن برڪت علي ڀٽ ۽ اعجاز ٻرڙي ڳايو آهي. سندس ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي رهي آهي، جن ۾ بزم طالب الموليٰ، سگا روهڙي، الشهباز آرٽس ڪائونسل روهڙي، بيدل يادگار ڪميٽي، صوفي در محمد فقير يادگار ڪميٽي ڪنبڙي، روحل فقير روهڙيءَ جو سيڪريٽري، سکر هسٽاريڪل سوسائٽي وغيرہ قابل ذڪر آهن. هن ڪلاسيڪل صوفي شاعر قاضي فقير محمد قانع جي ڪلام کي سهيڙي ‘قانع جو ڪلام’ جي نالي سان 2015ع ۾ ڇپرايو آهي. کيس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ گورنمينٽ عطا حسين شاھہ موسوي ڊگري ڪاليج روهڙيءَ پاران يادگار شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ، اجرڪ آرٽ سرڪل اينڊ ويلفيئر سوسائٽي روهڙيءَ پاران اوارڊ، گورنمينٽ ڪاليج آف ايڊيوڪيشن سکر طرفان بيدل بيڪس مڃتا سرٽيفڪيٽ (1981ع)، بزم طالب الموليٰ سنڌ پاران تمغو ۽ سرٽيفڪيٽ (1988ع)، ڊاڪٽر آر. اي شاھہ وائيس چانسلر شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ (1998ع)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران ‘تنوير عباسي اوارڊ’ (2012ع) قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.06.03  عيسوي

صابر شمس ولد محمد بچل ڪلوڙ، 3 جون 1952ع تي پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ سراءِ (حسين ڪلوڙ) ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سائر مزمل هاليپوٽو
سيد فاضل شاھہ فاضل
صوفي محمد بخش ڦرڙو
پٺاڻ محمد علي
سائل خواجو
حاجي مريد مهيري
شبير هاتف
انور شعور
سيد باغن شاھہ:
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون