غلام فريد صابري

غلام فريد صابري

صابري غلام فريد

صابري، غلام فريد: پاڪستان جو ناميارو قوال غلام فريد صابري 1924ع ڌاري اوڀر پنجاب (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد موسيقار هو، جنهن کان ڇھن سالن جي عمر ۾ موسيقيءَ جي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ئي قوالي ڳائڻ جو شوق هو. 1946ع ۾ مبارڪ شاھہ جي عرس جي موقعي تي ڪليانا (انڊيا) ۾ هن پهريون ڀيرو هزارين ماڻهن آڏو قوالي ڳائي تمام گهڻي مڃتا ماڻي. سندس قوالي ڳائڻ جو انداز بہ منفرد ۽ نرالو هو، جنهن سبب کيس ٻين قوالي ڳائيندڙن ۾ نمايان حيثيت ملي. پاڪستان ٺھڻ بعد هزارين خاندانن جيان هي بہ پنھنجي خاندان سان گڏ لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. هن 1956ع ۾ پنھنجي ڀاءُ مقبول صابري سان گڏجي باقاعدہ قواليون ڳائڻ شروع ڪيو. 1958ع ۾ سندس پهريون قواليءَ جو البم رليز ٿيو. ڀارتي ۽ پاڪستاني فلمن ۾ بہ هن جي ڳايل قوالين گهڻي مقبوليت ماڻي، جن ۾ ‘ميرا ڪوئي نهين هي تيري سوا’، ‘ڀر دو جهولي ميري يا محمد’، ‘تاجدار حرم هو، نگاھہِ ڪرم’، ‘من ڪُنت مولا’ شامل آهن. ڳائڻ جي انداز کيس ڏيھہ توڙي پرڏيھہ ۾ سڃاڻپ ڏياري. 1976ع ۾ هو آمريڪا ويو ۽ اُتي هزارين ماڻهن آڏو پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ان کانسواءِ نيپال، ڪئنيڊا، دبئي، نيويارڪ وغيرہ ۾ بہ قوالي ڳائي مڃتا حاصل ڪيائين. هن اردوءَ کان سواءِ سرائيڪي، سنڌي ۽ پنجابي ٻولين ۾ بہ قوالي ڳائي مڃتا ماڻي هئي. کيس ڇھن نياڻين ۽ پنجن پٽن جو اولاد آهي، جن مان امجد علي صابري پڻ ملڪ جو ناميارو قوال هو. هن 5 اپريل 1994ع تي دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1994.04.05  عيسوي

پاڪستان جو ناميارو قوال غلام فريد صابري 1924ع ڌاري اوڀر پنجاب (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو. هن 5 اپريل 1994ع تي دل جي دؤري پوڻ سبب وفات ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پاپوش نگر جي قبرستان ۾ مدفون آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھہ وسائي
شير شاھہ
عالم ڪارو
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
سچل فقير جتوئي
پرتاب نارائڻ داس تنواڻي
پنهور عبدالله
فقير عبدالغفور
پنڊت وشنو ڊگمبر پلسڪر
شاھہ لطيف جا موجودہ راڳي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون