
شهيد الله بخش پارڪ
شھيد ﷲ بخش پارڪ (شاهي باغ): عوام جي تفريح لاءِ قائم ڪيل هي باغ شڪارپور ضلعي جي يونين ڪائونسل نمبر 8 ۾، بيگاري واھہ روڊ تي موجود آهي. هي باغ مشھور قومپرست اڳواڻ ‘شھيد ﷲ بخش سومري’ جي نالي سان منسوب آهي، جڏهن تہ عام طور ‘شاهي باغ’ سڏجي ٿو. هن باغ جي ايراضي ڪافي وسيع آهي ۽ شڪارپور ۾ قائم واحد تفريح گاھہ آهي. هن باغ ۾ راند جو ميدان، پويلين، ڇپر ۽ چئني پاسي وڻ ۽ ٻوٽا آهن. باغ ۾ ويهڻ واري جاءِ تي جهوپڙي نما ڇڄا ٺهيل آهن. باغ جي سارسنڀال سنڌ حڪومت جي ذمي آهي. شڪارپور شھر سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جي نمايان شاعر شيخ اياز پنھنجي آتم ڪٿا ۾ هن باغ جو تمام گهڻو ذڪر ڪيو آهي. شڪارپور جا رهواسي هر روز شام جو شاهي باغ ۾ تفريح لاءِ ويندا آهن.