شھيد وارث علي شاھہ جو ميلو

شھيد وارث علي شاھہ جو ميلو: شھيد وارث علي شاھہ جو ميلو هر سال 17 کان 21 ربيع الاول مطابق 1 کان 5 ڊسمبر تي ڀرڳڙي موري چنيسر، ريگيوليٽر ديھہ 32 لڳ قاضي احمد ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ڪيترائي دل وندرائيندڙ پروگرام ٿيندا آهن، جن ۾ سرڪس، موت جو کوھہ، ٿيئٽر ۽ ٻيا تماشا شامل آهن. ان کان علاوہ اُٺن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ، ملاکڙي ۾ اُتر ۽ لاڙ جي ملهن ۾ انعامي مقابلو ۽ محفلِ موسيقي ٿيندي آهي جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي.وي جا فنڪار حصو وٺندا آهن. جڏهن تہ ميلي ۾ سٺا دُڪان سينگاريندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن، جن لاءِ لنگر جو پڻ انتظام هوندو آهي.


لفظ شھيد وارث علي شاھہ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو