شهيد (فلم)

شهيد (فلم)

شھيد فلم

شھيد (فلم): هيءَ سنڌي فلم 2 جون 1989ع تي رليز ٿي. هن فلم جو موسيقار غلام علي ۽ پروڊيوسر مظهر حسين هو، جڏهن تہ مصنف، فلمساز ۽ هدايتڪار شاھہ اسد هو. هن فلم جي اداڪارن ۾ مشتاق چنگيزي، شھناز ڀٽي، ليلى حسن، ريٽا، اسد قريشي، لال ڪمار، نور محمد لاشاري، نواب مهدي، رشيد، گلفام ۽ منصور بلوچ شامل هئا.
هي فلم ٽالپر ٽاڪيز سئنيما خيرپورميرس، سنگيت سئنيما ڪراچي، بمبينو سئنيما حيدرآباد، نشاط سئنيما سکر، فردوس سئنيما ميرپورخاص، ميلوڊي سئنيما نواب شاھہ، نشيمن سئنيما ڪراچي، تاج سئنيما ٽنڊو محمد خان، اڪالا سئنيما سانگهڙ، قلوپطره سئنيما لاڙڪاڻو، ريڪس ۽ شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊو آدم ۽ افشان سئنيما شڪارپور ۾ هڪ ئي وقت نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڏسندڙن پاران ڀرپور موٽ ملي. هيءَ هڪ ڪامياب سنڌي فلم هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو