شھيد دولھہ دريا خان

شھيد دولھہ دريا خان (ڪتاب): هي ڪتاب اديب ۽ استاد آزاد قاضيءَ سهيڙيو آهي، جيڪو علمي انداز ۽ سائنسي ترتيب سان سهيڙيل آهي. ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ دولھہ دريا خان جي زندگيءَ تي مضمون ۽ لکڻيون شامل آهن. جڏهن تہ ٻئي حصي ۾ علمي مباحثو ڪيل آهي.هن ڪتاب ۾ دولھہ دريا خان تي لکيل مضمونن کي شامل ڪيو ويو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي، پير حسام الدين راشدي، ڪريم بخش خالد، جي. ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نياز همايوني، سيد حاڪم علي شاھہ بخاري، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، غلام محمد لاکو، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، شيخ خورشيد حسن ۽ ٻين ليکڪن ۽ عالمن جون لکڻيون ۽ مضمون ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب 2010ع ۾ لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن نوابشاھہ/ڪراچيءَ طرفان ڇپرايو ويو.


لفظ شھيد دولھہ دريا خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو