شھمير شاھہ مٽياروي سيد

شھمير شاھہ مٽياروي، سيد: عالم، محدث ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر، سيد شھمير شاھہ ولد عبدالوهاب جو تعلق مٽياريءَ سان هو. سندس وڏا امير تيمور جي هندستان تي ڪاھہ وقت لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيا ۽ بعد ۾ هتي رهي پيا. سيد شھمير ابتدائي تعليم مٽياريءَ جي عالمن کان حاصل ڪري، پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان ظاهري علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. تصوف جي سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هٿ تي بيعت ڪري خلافت جو خرقو ڍڪيائين. ان کان پوءِ واپس مٽياري اچي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. پاڻ سنت تي عمل ڪرائڻ ۽ اسلامي معاملن جي حمايت ۾ تمام گهڻو توجھہ ڏيندو هو، هميشہ انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو. هر هڪ ديني ڪم ۾ شاگردن جي جماعت سان مشغول هوندو هو. سيد شھمير شاھہ سنڌ جي زندھہ رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾ تمام گهڻو مبالغو ڪندو هو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو، ۽ هر ديني ڪم لاءِ طالب علمن جي جماعت وٺي، دين پاڪ جي تقويت لاءِ دل سان ڪوشش ڪندو هو.
شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان هڪ روايت شھمير شاھہ سان منسوب آهي، جنهن جو ذڪر عبدالرسول قادري، ڪتاب ‘مخدوم محمد هاشم ٺٽوي’ جي صفحي 40 تي ۽ دين محمد وفائي، ڪتاب ‘لطف اللطيف’ جي صفحي 91 تي هن ريت ڪيو آهي:
روايت آهي تہ هڪ ڏينهن ڪنهن هندو کان اهڙو لفظ واتان نڪري ويو. جو وقت جي ظاهر پرست مولوين جي طرفان ان کي زوريءَ مسلمان بڻائڻ جو معاملو اٿيو. معاملو سيد شھمير شاھہ وٽ پيش ٿيو. سيد شھمير شاھہ تحقيق ڪرائي حڪم ڏنو تہ هن کي مسلمان بڻايو وڃي. مگر هن مسلمان ٿيڻ کان انڪار ٿي ڪيو. انهيءَ هنڌ ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ واڻئي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ان دوران شاھہ لطيف بہ اتان لانگهائون ٿيو. خلق جو گوڙ شور ڏسي سبب پڇيائين تہ کيس سموري ٻڌائي وئي. ان تي شاھہ لطيف ماڻهن جي ميڙ اندر لنگهي آيو. ڏٺائين تہ ماڻهو واڻئي کي ويڙهيو ويٺا آهن ۽ کيس زوريءَ مسلمان پئي ڪيائيون. شاھہ صاحب کي ان تي ڪھل آئي ۽ کيس زوري مسلمان بنائڻ واري عمل تي مٺيان بہ لڳس. اڳتي وڌي شھمير شاھہ کي چيائين: “هي ڇا ڪري رهيا آهيو، ڪنهن ماڻهوءَ کي موچڙن سان بہ دين تي آڻبو آهي ڇا؟” ائين چئي شاھہ صاحب سيد شھمير شاھہ کان اجازت وٺي واڻئي جي ماڻهن کان جان ڇڏرائي پاڻ سان وٺي ويو.
سيد شھمير 10 محرم 1177ھہ/ 21 جولاءِ 1763ع تي مٽياريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مٽياريءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو