شهزاد راءِ

شهزاد راءِ

شھزاد راءِ

شھزاد راءِ: پاڪستاني پاپ گلوڪار ۽ فلاحي ڪارڪن شهزادراءِ، 16 فبروري 1977ع تي، ڪراچي، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. تعليم پرائڻ بعد هن پنھنجي گلوڪاريءَ جو آغاز 1995ع ڌاري ڪيو. سندس پهريون ڪئسيٽ البم ‘زندگي ’ هو. جنهن بعد ‘درشن’ (1997ع)، ‘تيري صورت’ (1999ع)، ‘بري بات’ (2002ع) آڊيو وڊيو ڪئسيٽ البم رليز ٿيا. سندس ڳائڻ جي منفرد انداز کيس مداحن ۾ مقبوليت ڏياري. هن رومانوي گيتن کي پاپ انداز ۾ ڳائڻ جي روايت کي عام ڪيو. سندس گانا، ‘سالي تو ماني نهين’، ‘تيري صورت نگاهون مي ڦرتي رهي’ ۽ ‘ڪنگنا’ تمام گهڻو مقبول ٿيا.
2002ع ۾ هن ‘زندگي ٽرسٽ’ نالي هڪ فلاحي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽ فارم تان 2005ع جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ بين الاقوامي گلوڪار برائن ائڊم سان گڏجي ميوزڪ ڪنسرٽ ڪرائي چندو گڏ ڪيو. 2007ع ۾ هن راڳ جي راڻي عابدہ پروين سان گڏجي هڪ گيت ‘زندگي ’ ڳايو، جيڪو تعليمي ميدان ۾ برابريءَ جي حق تي هو. 2008ع ۾ هن سياسي ۽ سماجي موضوعن تي مشتمل گيت ڳائڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ سندس البم ‘قسمت اپني هاٿ مين’ رليز ٿيو، ان ۾ شامل گاني ‘لگا رھہ’ گيت کيس منفرد سڃاڻپ ڏني. هن 2011ع ۾ اردو ‘جيو چينل’ تي بلوچستان جي هڪ مقامي رهاڪو ۽ پاڪستاني سياسي تاريخ تي دسترس رکندڙ ‘واسو’ سان گڏ ‘واسو اور مين’ نالي سان پروگرام جي ميزباني ڪئي، جنهن ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. ساڳيءَ ريت 2013ع ۾ تعليم جي حوالي سان پروگرام ‘چل پڙها’ جي ميزباني پڻ ڪيائين. ان پروگرام ذريعي هن پاڪستان جي 80 شهرن جو سفر ڪيو ۽ تقريباً 200 سرڪاري اسڪولن جي تعليمي صورتحال، نصاب، تعليم جو ذريعو (ٻولي)، استادن وغيرہ جو جائزو ورتو ۽ گهڻي ڀاڱي پنھنجي تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترائي سڌارا پڻ آندا، جن ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ بايوميٽرڪ سسٽم لڳرائڻ وغيرہ. 2014ع ۾ هڪ قومي گيت ‘ڍول سپاهيا’ دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان آرميءَ جي آپريشن ‘ضرب عضب’ ۾ شھيد ٿيل جانبازن کي ارپيائين. 2016ع ۾ هن پاڪستان جي امتحاني بورڊن ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ ميوزڪ وڊيو ‘صرف بنڌي هي ڪمر’ ذريعي تعليمي مھم جو آغاز ڪيو ۽ غريب ٻارن کي بهتر تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ ڪافي سرگرم آهي.
کيس خدمتن عيوض 2005ع ۾، پاڪستاني حڪومت، عوامي خدمت جي اعتراف ۾ ‘ستارہ امتياز’ ۽ 2006ع ۾ ‘ستارہ ايثار’ سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ موسيقيءَ جي حوالي سان حاصل ڪيل اوارڊن ۾ PTV طرفان بيسٽ پاپ سنگر اوارڊ (1999ع)، انڊس ميوزڪ اوارڊ (2003ع)، انڊس ميوزڪ وڊيو اوارڊ (2005ع)، انڊس اسٽائيل اوارڊ (2006ع)، MTV اسٽائيل اوارڊ (2009ع)، لڪس اسٽائيل اوارڊ (بيسٽ وڊيو: لگا رھہ: 2009ع)، بيسٽ سولو آرٽسٽ جو هم اوارڊ (2013ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.16  عيسوي

پاڪستاني پاپ گلوڪار ۽ فلاحي ڪارڪن شهزادراءِ، 16 فبروري 1977ع تي، ڪراچي، سنڌ ۾ پيدا ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڄڻ مڱڻهار
منظور سخيراڻي
امام ماڇياڻي
ديوان موتيهار
استاد نياز احمد خان
استاد احمد خان
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
سيد نور شاھہ 2
شاھہ محمد شاھہ2
سائين مرنا
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون