شهزادي

شهزادي

شھزادي

شھزادي: سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشھور اداڪارہ شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شھر ۾ ٿيو. 13 سالن جي ڄمار ۾ سندس شادي واحد بخش سان ٿي. کيس ننڍپڻ کان فلم، اسٽيج، لوڪ گيت ۽ لوڪ رقص تمام گهڻو وڻندا هئا. ثقافتي لباس سان کيس گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هُوءَ پڙهيل لکيل هئڻ باوجود ڳالهائڻ وقت ٻين ٻولين جو اثر قبولڻ بجاءِ نج سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي هئي. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڊراما آرٽسٽ جي حيثيت سان، جڏهن تہ پي. ٽي. وي تان هن پنھنجي فن جي شروعات ‘زينت ’ ڊرامي کان ڪئي. جيڪو ڊرامو شمشيرالحيدريءَ، مرزا قليچ بيگ جي ناول تان ڊراماٽائيز ڪيو هو ۽ عبدالڪريم بلوچ نشر ڪيو هو.
مڙس وفات بعد هن زندگي گذارڻ لاءِ ڊزائيننگ ۽ گارمينٽس جو ڪاروبار شروع ڪيو. پهرين لالو کيت، ڪراچيءَ ۾ دڪان کوليو، جتي روزگار سان گڏ سنڌي ثقافت کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي رلي، سوسي، اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ گج وغيرہ کي اجاگر ڪرڻ ۾ هٿي ڏني. بعد ۾ ڪراچيءَ جي ڪريم آباد واري علائقي ۾ عورتن لاءِ خاص ’مينا بازار’ قائم ٿي تہ اتي دڪان کوليائين. هن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ميلن ۾ ثقافتي هنرن جي نمائش ۽ وڪري لاءِ اسٽال لڳايا. جڏهن 1970ع ۾ سنڌي فلم ‘پنو عاقل’ ٺھي تہ ان ۾ کيس هيروئن لاءِ چونڊيو ويو، جنهن ۾ هيري جو ڪردار قربان جيلانيءَ ادا ڪيو هو. انهي فلم ۾ هن گانا بہ ڳايا ۽ فلم ۾ رقص ڪري پاڻ ملهايو. ان کانپوءِ ‘ڌرتي دل وارن جي’، ‘جلال چانڊيو’، ‘نادر گوهر’ ۽ ‘پرو’ سميت ٻين فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ڪيترين ئي اردو فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. اڳتي هلي جڏهن سنڌي فلم انڊسٽريءَ جو ڪم گهٽيو تہ هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو رخ ڪيو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي قمر شھباز هن لاءِ هڪ ڪردار تخليق ڪيو، جنهن جو نالو بہ ‘شھزادي’ رکيو ويو. مگر ڪردار هڪ جهيڙاڪ ۽ بدمزاج عورت جو هو، جنهن تي هن سخت اعتراض ڪيو، جنهنڪري ان ڪردار جو نالو تبديل ڪري ‘راڻي ’ رکيو ويو. سندس اهو ڪردار تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن پي. ٽي. وي جي ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري مقبوليت ماڻي، جن ۾: زينت، جهنگل، ديوارين، هٿين گل ميندي، راڻيءَ جي ڪهاڻي، باک، پولار، ملڪيت، اوڙاھہ، وسايل واٽون، قربتون، رشتا ناتا، سام وغيرہ قابل ذڪر آهن.
شهزاديءَ اٽڪل 450 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس آخري ڊرامو ڪي. ٽي. اين تان نشر ٿيندڙ ‘گهر بي گهر’ هو. هن کي ريڊيو پاڪستان پاران 1999ع ۾ بھترين ڊراما آرٽسٽ جو اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ادارن پاران انعام ۽ سنَدون ڏنيون ويون. هن لوڪ ناچن جي هڪ وفد سان گڏ چين، اتر ڪوريا ۽ ٿائلينڊ جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي سنڌي ثقافت ۽ موسيقيءَ کي متعارف ڪرايو.
شهزاديءَ، معدي جي ڪئنسر سبب 24 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڪراچيءَ جي ٽول پلازه ڀرسان واديءِ حُسين قبرستان ۾ آهي. کيس هڪ ڌيءَ ساجده شاھہ جو اولاد ٿيو.


لفظ شھزاديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.04.24  عيسوي

سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪاره شهزاديءَ جو جنم 1941ع ڌاري محمد هاشم بلوچ جي گهر ۾ سکر شهر ۾ ٿيو.شهزاديءَ، معدي جي ڪئنسر سبب 24 اپريل 2003ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب گاد
قائداعظم محمد علي جناح
عبدالقادر لغاري مولوي
پرڀارام سنت
صلاح الدين پنهور
ابراهيم بن اڌم بلخي
زيب النساء ملاح
شعيب ڪڇي شيخ
سجاد مھر
ڪان موتيھار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون