شھرِ آشوب (Shahre Ashob): اهو نظم، جنهن ۾ زماني جي افراتفري، ملڪ، شھر جي بربادي، ويراني ۽ تباهيءَ جو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مصبيت جو احوال درج ٿيل هجي تہ ان شعر کي شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ‘شھر آشوب’ چئبو آهي. شھر آشوب ۾ حڪومت ۽ رعيت جو احوال، ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي حالتون، اميرن ۽ غريبن جو بيان ۽ ٻيا اهڙي ئي قسم جا موضوع ڏنا ويندا آهن. سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ ۾ شھر آشوب ملن ٿا. محمد ابراهيم خليل، سيد اظهر گيلاني ۽ ٻين بہ شھر آشوب لکيا آهن. ‘حيدرآباد شھر’ امداد حسينيءَ جي جديد نظم ‘شھر آشوب’ ۾ حيدرآباد جو نوحو آهي.